265

يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن عام شيون سستي اگهه تي مهيا ڪري پئي: ايم ڊي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي منيجنگ ڊائريڪٽر عمر لوڌي چيو آهي ته يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن صارفين جي اعتماد تي پورو لهڻ لاءِ پنهنجي ٽريڊ مارڪ کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو نئين دور جي ضرورتن سان هم آهنگ آهي، ٽريڊ مارڪ جي تبديلي ڪارپوريشن جي نئين ويزن کي اجاگر ڪري رهي آهي جيڪا ڪارپوريشن جي سمورن آپريشنز ۾ بهتري آڻڻ ڏانهن هڪ قدم آهي. يو ايس سي جي ترجمان طرفان جاري بيان مطابق يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي منيجنگ ڊائريڪٽر عمر لوڌي سڄي ملڪ ۾ يوٽيلٽي اسٽورز کي جديد بڻائڻ جي ڪوشس سان گڏو گڏ سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي اعتماد جي بحالي لاءِ يو ايس سي ٽريڊ مارڪ تبديل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ايم ڊي يو ايس سي چيو ته نئون لوگو (ٽريڊ مارڪ) صارفين جي اعتماد کي پورو ڪرڻ لاءِ ۽ يوٽيلٽي اسٽورز کي جديد بڻائڻ لاءِ اسانجي متحرڪ حڪمت عملي جو تصور پيش ڪري ٿو. ايم ڊي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته يو ايس سي پنج بنيادي شين اٽو، کنڊ گيهه، چانور ۽ داليون وفاقي حڪومت جي خاص حڪمن تي سبسڊائزڊ قيمتن تي عوام کي ڪاميابي سان فراهم ڪري رهي آهي. جنوري 2020ع کان هن وقت تائين ڪارپوريشن 40.28 ملين گهراڻن جي خدمت ڪئي آهي ۽ سڄي ملڪ جي سمورن اسٽورز ذريعي سبسڊائزڊ قيمتن تي عام واهپي جي شين جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو