294

زندگي کي خوشگوار ۽ سولو بڻائڻ لاءِ سوچ کي هاڪاري رکو: حديقه ڪياني

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اداڪاره ۽ گلوڪاره حديقه ڪياني صبر جي تعريف ڪندي چيو ته انتظار ۾ هاڪاري رهڻ جي صلاحيت کي صبر چوندا آهن. هن چيو ته صبر انتظار ڪرڻ جي صلاحيت ناهي پر انتظار ڪرڻ وقت هاڪاري هجڻ جي صلاحيت آهي. هن چيو ته هميشا ڪوشش ڪريو ته پنهنجي سوچن کي هاڪاري رکو ان سان توهان جي زندگي خوشگوار ٿيڻ سان گڏو گڏ آسان پڻ ٿي ويندي. حديقه ڪياني ڊرامه سيريل ”رقيب“ ۾ نظر ايندي. جنهن جي ڪاسٽ ۾ اقرا عزيز، فريال محمود، نعمان اعجاز ۽ ثانيا سعيد شامل آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو