ڪرائسسٽ چرچ(ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ۾ پهتل پاڪستاني اسڪواڊ ۾ شامل رانديگرن جو ٽيون ڪووڊ ٽيسٽ ڪرايو ويو،جنهن ۾ اسڪواڊ ۾ شامل 46 مان 43 جي نگيٽو ۽ 3 رانديگرن جي رپورٽ اڃا تائين پازيٽو آئي آهي، تنهن ڪري رانديگرن کي اڃا تائين ٽريننگ جي اجازت ناهي ڏني وئي، نيوزيلينڊ جي صحت واري وزارت جي اعلان مطابق نئين ڪووڊ ٽيسٽ جي رپورٽ ۾ ٽن رانديگرن جي ٽسٽ جو جائزو ورتو پيو وڃي، ته ڇا اهي ڪيس هسٽورڪ آهن يا نه، جڏهن ته هڪ جو نتيجو اچڻ وارو آهي، ڪيوي جي صحت واري وزارت مطابق فور طور تي رانديگرن کي ٽريننگ لاءِ اجازت ناهي ڏني وئي، ان جو فيصلو لاڳاپيل ميڊيڪل آفيسر جي طرفان جاري ٿيندڙ رپورٽ جي آڌار تي ڪيو ويندو. جن ۾ هو هن ڳالهه جي تصديق ڪندو ته ڪووڊ وائرس جو ڪنهن ٻئي ڏانهن منتقلي جو امڪان موجود نه هجي.
