293

انڊونيشيائي قونصل جنرل پاران سنڌ يونيورسٽيءَ جي ايريا اسٽيڊي سينٽر جو دورو، 13 ناياب تاريخي ڪتاب پيش

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) ڪراچيءَ ۾ انڊونيشيا جي قونصل جنرل ٽوتوڪ پريانامٽو سنڌ يونيورسٽيءَ جي ايريا اسٽڊي سينٽر جو دورو ڪيو، جتي هن هڪ سال اڳ قائم ڪيل انڊونيشيائي ڪارنر لاءِ پنهنجي ملڪ جي آرٽ، ثقافت ۽ تاريخ تي مشتمل 13 ناياب ڪتاب تحفي ۾ ڏنا ۽ ڪارنر سميت سڄي سينٽر جو تفصيلي دؤرو ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ٽوتوڪ پريانامٽو چيو ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا جا انتهائي ويجها ۽ دوستاڻا لاڳاپا آهن، جن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ لاءِ عوامي رابطن کي وڌائڻ لاءِ ٻئي ملڪ ڪوششن ۾ رڌل آهن. هن چيو ته ٻنهي دوست ملڪن جي عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ لاءِ مختلف شعبن ۾ هڪٻئي سان سهڪار جاري آهي. هن چيو ته ڪراچيءَ ۾ انڊونيشيا جي قونصل خاني جو سنڌ يونيورسٽيءَ جي ايريا اسٽڊي سينٽر سان تمام پراڻو ۽ ويجهو سهڪار رهيو آهي. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي پاڪستان جي واحد يونيورسٽي آهي، جتي انڊونيشيائي ڪارنر جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي. هن چيو ته عالمي وبا ڪورنا وائرس سبب سندس قونصل خانو ايريا اسٽڊي سينٽر سان جوڙيل تعليمي سرگرميون شروع نه ڪرائي سگهيو. هن انهيءَ خواهش جو اظهار پڻ ڪيو ته ڪورونا وائرس ۾ گهٽتائي بعد ايندڙ سال ايريا اسٽڊي سينٽر سان تعليمي ۽ تحقيقي سرگرميون شروع ڪيون وينديون، جن ۾ سيمينار ۽ ورڪشاپ منعقد ڪرڻ کانسواءِ انڊونيشيا جي ٻوليءَ جا ڪورس ڪرائڻ ۽ استادن جي مٽاسٽا وارا پروگرام شامل آهن. ان موقعي تي ايريا اسٽڊي سينٽر جا استاد پڻ موجود هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو