299

دنيا ڪورونا کان بچڻ لاءِ لاڪ ڊائون طرف وڃي پئي، هتي ايس او پيز جي ڀڃڪڙي پئي ٿئي: شبلي فراز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مخالف ڌر غيرذميواراڻيون حرڪتون ڪري رهي آهي، جلسن ۾ ڪورونا وائرس جهڙي موذي وبا جو مذاق اڏائڻ چريائپ نه آهي ته ڇا آهي؟. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته دنيا ڪورونا وبا کان بچڻ جي لاءِ ڪرفيو ۽ لاڪ ڊائون طرف وڃي رهي آهي ۽ اسان جي مخالف ڌر ايس او پيز جي کليل خلاف ورزي ڪندي ڪورونا وائرس جي موذي وبا کي دعوت ڏئي رهي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو