285

ڊي آءِ جي ميرپورخاص پاران عارفن هاسٽل جو دورو، يتيم ٻارڙن جي پالنا لاءِ هر ممڪن سهڪار جو يقين

ميرپورخاص (ن سوڀ)  ڊي آءِ  جي  پوليس ميرپورخاص ذوالفقار لاڙڪ  چيو آهي ته اهي ماڻهو تمام گهٽ هوندا آهن جيڪي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندا آهن اهو خير جو ڪم آهي اهڙو جذبو اسان سڀني ۾ هجڻ گهرجي، اهڙن خيالن جو اظهار هن قطر چيرٽي جي سهڪار سان نئين تعمير ٿيندڙ عارفن هاسٽل جو دورو ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ايس ايس پي ميرپورخاص فيصل بشير ميمڻ سميت سول سوسائٽي، بيت المال، پوليس ۽ انفارميشن کاتي جا آفيسر پڻ موجود هئا. دوري دوران ڊي آءِ جي پوليس ميرپورخاص چيو ته هر جاءِ تي ٻارن جي حق جي ڳالهه ڪئي ويندي آهي پر يتيم ٻارن جي ڳالهه تمام گهٽ ڪئي ويندي آهي، مان قطر چيرٽي سول سوسائٽي ملڪ راجه عبدالحق ۽ بيت المال جي سليم بلوچ کي سلام پيش ڪيان ٿو ۽ انهن کي جن به هن خير جي ڪم ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته  بيت المال جي سليم بلوچ کي ماڻهو پينو فقير چئي رهيا آهن مان سمجهان ٿو ته اها هن لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ڇو ته هو مستحقن جي مدد لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي، پوليس پاران يتيم ٻارن جي پرورش جي هن اداري سان هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو، هتان جي ٻارن جي سيڪيورٽي لاءِ پوليس پڻ مقرر ڪئي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو