218

پي سي بي جو ڏکڻ آفريقا ڪرڪيٽ بورڊ سان رابطو، ٽيم جي دوري جي دعوت

لاهور ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ  ڏکڻ آفريقا ڪرڪيٽ بورڊ سان رابطو ڪري پنهنجي ٽيم کي پاڪستان جو دورو ڪرائڻ جي دعوت ڏني آهي،  ذريعن مطابق پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پي سي بي ۽ ڏکڻ آفريقا ڪرڪيٽ بورڊ جي وچ ۾ سيريز جي شيڊيول تي ڳالهه ٻولهه مڪمل ٿي وئي آهي جنهن تحت پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ايندڙ 10 ڏينهن ۾ آفريقي ڪرڪيٽ بورڊ جي مثبت جواب لاءِ پراميد آهي،  ياد رهي ته ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سال جنوري ۾ پاڪستان جو دورو ڪرڻو آهي، ڏکڻ آفريقا جي ٽيم پاڪستان جي دوري دوران 2 ٽيسٽ ۽ 3 ٽوئنٽي ميچ کيڏيا ويندا. ذريعن مطابق ٽيسٽ ميچ ڪراچي ۽ لاهور جڏهن ٽي 20 ميچ راولپنڊي ۾ کيڏڻ جا امڪان آهن. اهو به واضح رهي ته ڏکڻ آفريڪا جي 4 رڪني وفد  گذريل مهيني پاڪستان جو دورو ڪيو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو