254

ٽڪ ٽاڪرز ۾ پنهنجا ڏند شارڪ جي مڇي وانگر نوڪيلا ٺهرائڻ جو خوفناڪ شوق وڌي ويو

لنڊن ( ويب ڊيسڪ) هونئين ته ماڻهو ڪيترائي نوان نوان شوق پورا ڪرڻ لاءِ ڪوششن ۾ مصروف آهن پر هاڻي ٽڪ ٽاڪرز ۾ به پنهنجا ڏند شارڪ جي مڇي وانگر نوڪيلا ٺهرائڻ جو  خوفناڪ شوق وڌي ويو آهي، جيڪي هزارين روپيا خرچ ڪري پنهنجا ڏند شارڪ مڇي جي ڏندن جيان ٺهرائي رهيا آهن جيڪي پنهنجا ڏند اهڙي نموني سان تراشي تيار ڪرائي رهيا آهن جيئن شارڪ مڇي جا هوندا آهن، نوڪيلا ڏند تيار ڪرائڻ  کان پوءِ سندن ڏندن جي وچ ۾ وٿي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جنهن لاءِ ڏندن جي ماهرن جو چوڻ آهي ته نوجوان مرد توڙي عورتون پنهنجا ڏند نوڪيلا ڪرائي رهيا آهن پر 40 ورهين کان پوءِ انهن جا ڏند ڪمزور ٿي ويندا ٻيهر ساڳي حالت ۾ نه اچي نه سگهبا، جنهن سبب کين ڏندن مٿان ڪيپ لڳرائڻو پوندو جيڪو سندن لاءِ مهانگو خرچ پوندو

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو