اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پابندي جي باوجود پي ڊي ايم جا جلسا نه روڪڻ ۽ ڀنڊار ٻيٽ رٿا تي هر صورت ۾عمل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته اسٽيل ملز جي نجڪاري ڪرڻ ۽ ملازمن کي گولڊن هينڊ شيڪ ذريعي فارغ ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي. اهڙا فيصلا اڱاري ڏينهن وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيا ويا. اجلاس ۾ خصوصي طور تي پي ڊي ايم جي جلسن جو ذڪر ڪيو ويو ۽ ملتان وارو جلسو پڻ بحث هيٺ آيو. ان موقعي تي ڪيترن ئي وزيرن پي ڊي ايم جي ملتان واري جلسي بابت پنجاب حڪومت جي حڪمت عملي تي سخت تنقيد ڪئي ۽ ان دوران ڪيل گرفتاريون اجايون قرار ڏنيون. ڪابينا ميمبرن چيو ته جڏهن گرفتاريون ئي ڪرڻيون هيون ته پوءِ وري ڍر نه ڏيڻ گهرجي ها. جيڪڏهن گرفتاريون نه ڪرڻيون آهن ته پوءِ مخالف ڌر کي ڇوٽ ڇڏيو وڃي. ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان جِي صدارت ۾ اجلاس ۾ ڪابينا کي حڪومت پاران شروع ڪيل 2 وڏن منصوبن، راوي ريور فرنٽ اربن ڊيولپمينٽ پراجيڪٽ ۽ ڀنڊار ٻيٽ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڪابينا کي ڀنڊار ٻيٽ جي رٿا بابت ٻڌايو ويو ته اهو منصوبو عالمي معيار کي نظر ۾ رکي ٺاهيو ويو آهي. 12 هزار ايڪڙ زمين تي ٻڌل سمارٽ، سرسبز ۽ گدلاڻ کان پاڪ منصوبي سان اٽڪل 50 ارب ڊالرز جي پرڏيهي سيڙپ ٿيڻ جي اميد آهي. ان منصوبي جي لاءِ 1.3 ارب ڊالرز جي پرڏيهي سيڙپڪاري جي حوالي سان مفاهمتي ياداشت تي اڳ ۾ ئي صحيحون ٿي چڪيون آهن. وزيراعظم چيو ته ٻئي منصوبا ماحولياتي گدلاڻ روڪڻ، پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ ۽ ماڻهن کي روزگار ڏيارڻ جي لاءِ انتهائي ضروري آهن. وزيراعظم چيو ته ڀنڊار ۽ ڏنگي ٻيٽن واري منصوبي سان تمر جي ٻيلن جي حفاظت ۽ پاڻي ۾ گدلاڻ روڪڻ ۾ مدد ملندي. هن وڌيڪ چيو ته منصوبي سان سنڌ جي ماڻهن جي لاءِ روزگار ۽ مهاڻن جي لاءِ بهتر معاشي ذريعا ميسر ٿيندا. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اوورسيز پاڪستاني انهن رٿائن ۾ سيڙپ جي لاءِ گهري دلچسپي رکن ٿا. اجلاس ۾ راوي ريور فرنٽ اربن ڊيولپمينٽ منصوبي بابت ٻڌايو ويو ته ماسٽر پلان تحت ماحول دوست منصوبي ۾ پاڻي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ 3 بئراج ۽ 7 ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽس لڳايا ويندا. اهو منصوبو پرائيويٽ سيڪٽر جي حصيداري سان مڪمل ڪيو ويندو جنهن جي لاءِ ڪنهن به قسم جي حڪومتي امداد يا قرض نه ورتو ويندو. منصوبي ۾ اربين ڊالرز جي سيڙپ جو امڪان آهي. هڪ ڪروڙ وڻ لڳائڻ به ان منصوبي جو حصو آهي. اجلاس ۾ ڪورونا ويڪيسين لاءِ 150 ملين ڊالرز رکڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪورونا ويڪسين ايندڙ ٽن مهينن تائين پاڪستان کي ملي ويندي، جيڪا پهرئين مرحلي ۾ هيلٿ ورڪرز کي ڏني ويندي، ان کان پوءِ 65 سالن کان وڌيڪ عمر وارن مريضن کي ڏني ويندي ۽ ٽين ترجيح ۾ ڪورونا وائرس جي عام مريضن کي ڏني ويندي. اجلاس ۾ ڪورونا جي علاج ۾ موثر ثابت ٿيندڙ دوا REMDESIVIR جي 100 ملي گرام انجيڪشن جو اگهه 9244 روپين مان گهٽ ڪري 5680 روپيا مقرر ڪئي ويندي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته هن وقت ملڪ کي سنجيده فيصلن ۽ روين جي ضرورت آهي، عوامي ميڙ ڪرڻ عدالت جي حڪمن جي ڀڃڪڙي آهي، سمورا فيصلا ميرٽ تي ٿيندا، ڇو ته ميرٽ تي فيصلا نه ٿيڻ جو نقصان عوام کي ئي ٿيندو. هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ 67 ماڻهو ڪورونا سبب فوت ٿي ويا، اهڙي وقت ۾ جلسا ڪرڻ انساني جانين سان کيڏڻ برابر آهي. اجلاس ۾ جنسي زيادتي جي ڪيسن ۾ ڏوهارين کي نامرد ڪرڻ لاءِ “ڪسٽريشن قانون” ترت لاڳو ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته جنسي زيادتي جهڙو ڪڌو ڏوهه ڪندڙ ماڻهن جي لاءِ ڪا به نرمي نه هجڻ گهرجي. هن واضح ڪيو ته عورتن ۽ ٻارن سان ٿيندڙ زيادتين جي روڪٿام لاءِ سخت کان سخت سزا جو هجڻ تمام گهڻو ضروري آهي ته جيئن اهڙن دل کي جهنجهوڙيندڙ واقعن جو خاتمو ڪري سگهجي. اجلاس کان پوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيراعظم کي راوي سٽي ۽ ڀنڊار ٻيٽ رٿا بابت پريزينٽينشن ڏني وئي، رٿا تي سموري اسٽڊي ٿي رهي آهي، ڀنڊار تي گهڻي اڳڀرائي ٿي آهي، ڀنڊار رٿا تي هر صورت ۾ عمل ٿيندو، وزيراعظم هر طرح جي ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي. هن وڌيڪ چيو ته ملتان کي آکاڙو ڪرڻ سان ملڪ جي ڪا به خدمت نه ٿي. هاڻي پي ڊي ايم جو لاهور ۾ به جلسو ٿيڻ وارو آهي. جلسن تي پابندي آهي پر انهن کي نه روڪينداسين، جنهن کي به وڃڻو آهي ڀلي وڃي، جلسن کان پوءِ جيڪا ڪارروائي ٿيڻي هوندي سا ٿيندي. هن چيو ته ڪورونا جي ٻي لهر دوران ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪرفيو لڳايو ويو آهي، ايئن نه ٿئي جو ڪورونا ايترو وڌي وڃي جو اسان کي سڀ ڪجهه ئي بند ڪرڻو پوي. هن وڌيڪ چيو ته مريم نواز سچ ڳالهائي نه ٿي سگهي، جي سمورن ڪوڙن کي جلد حقيقتن سان پڌرو ڪنداسين.
228