252

اسٽيل مل ملازم سراپا احتجاج، بن قاسم ٽريڪ تي ڌرڻو، پٽڙين تي ليٽي پيا، سڄي ملڪ ۾ ٽرينن جو نظام مفلوج ،رات دير سان ڌرڻو ختم

ملير (رپورٽ: سامي ميمڻ) پاڪستان اسٽيل مل جي برطرف ملازمن جي ھڪ ھفتي کان ھلندڙ جدوجھد ۾ تيزي اچي وئي، اسٽيل مل جي  مين گيٽ ۽ قومي شاھراهه تي ڌرڻن کانپوءِ ھزارين ملازم بن قاسم ريلوي پٽڙي تي پھچي ويا، پٽڙي تي ليٽي ڌرڻو ھڻڻ سبب اندڙ ويندڙ ريل گاڏيون بيھجي ويون، تفصيل موجب اسٽيل ملز مان برطرف ڪيل 4544 ملازمن طرفان بحالي لاءِ ھڪ ھفتي کان ھلندڙ جدوجھد ۾ ڪالهھ ان وقت وڌيڪ تيزي اچي وئي جڏھن ملازمن صبح جو قومي شاھراھ لڳ اسٽيل مل جي مک جناح گيٽ وٽ ڌرڻو ھنيو، جيڪو مسلسل 5 ڪلاڪن تائين جاري رھيو، ان دوران پوليس ۽ رينجرز ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءَ دٻاءُ وجھندي رھي جنھن بعد ملازمن ۾ تاءُ پکڙجي ويو ۽ ھزارين ملازمن مک گيٽ تان اٿي جدوجھد ۾ وڌيڪ تيزي آڻيندي بن قاسم جي ريل پٽڙي ڏانھن رخ ڪيو ، مڇريل ملازمن ريل پٽڙي پھچي پٽڙي تي سمھي پيا ۽ ڌرڻو ھڻي ملڪ جي مخلتف حصن مان ايندڙ ۽ ويندڙ ريل گاڏيون بيھاري ڇڏيون، ملازمن  ان موقعي تي ماتم ڪيو، حڪمرانن کي پٽو پاراتا ڏنا ۽ صبح کان شام تائين مسلسل نعري بازي ڪندا رھيا پر ڪنھن بھ سياستدان، حڪومتي نمائندي، اسٽيل مل جي ڪاموري يا انتظامي آفيسر احتجاجي پورھيتن سان ڳالھيون نھ ڪيو، آخري خبرون اچڻ تائين ملازمن جو ريل پٽڙي تي احتجاج جاري ھو، جڏھن تھ ڌرڻي ۾ موجود ھزارين ملازمن کي خطاب ڪندي  آل امپلائيز ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن عاصم پٽي سليم گل، ڌڻي بخش سمون،  ياسين ڄمڙو، وجاھت قبراڻي ۽ ٻين خطاب ڪندي مطالبو ڪيو تھ  وفاقي سرڪار ۽ اسٽيل مل جي  برطرف ملازمن کي بحال ڪري اسٽيل مل کي مالي توڙي انتظامي بحران جو شڪار ڪندڙ آڳواڻن چيئرمين ۽ ڪامورن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.ملازمن جي بحالي لاءِ سنڌي مزدور تحريڪ عوامي تحريڪ گڏيل طور 13 ڊسمبر تي ڪراچي پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪري سڄي سنڌ ۾ تحريڪ ھلائڻ جي شروعات ڪئي پئي وڃي ڪالهھ عوامي پريس ڪلب ملير ۾ ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري زبير نوناري، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ منان شيخ ملير جي صدر ايڊووڪيٽ رستم ميراڻي ۽ سينئر نائب صدر علي محمد بلوچ وڌيڪ چيو ته ترقي پذير ملڪن کي قرض بھاني عالمي مالياتي سامراجي ادارن ورلڊ بينڪ آءِ ايم ايف ۽ ٻين پنھنجي گرفت ۾ آڻي پنھنجا فيصلا مڻڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي، جنھن سبب غريب ملڪ انھن شرطن جي پورائي لاءِ عوام جا بنيادي مسئلا تعليم صحت ۽ روزگار سميت بنيادي انساني حق سرمائيدارن پاڻ وٽ گروي رکي ڇڏيا آھن، ھنن چيو ته ڄاڻايل مالياتي ادارن جي شرطن تي سرڪاري قومي ادارا وڪڻي سندن حوالي ڪيا پيا وڃن، اسٽيل مل جو وڪرو ۽ ھزارين پورھيتن جي بيدخلي به انھن شرطن جو تسلسل آھي، پاڪستان جي بجٽ جو به وڏو حصو انھن سامراجي مالياتي ادارن کي قرض جي واپسي ۾ لڳايو پيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو