254

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ڊاڪٽر ماها شاهه ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  توهان ته ڊاڪٽر ماها جي ڪٽنب ۽ جوابدارن کي لٽڪائي ويٺا آهيو، ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڪيس مان ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار، ٻڌڻي دوران جسٽس عمر سيال چيو ته ڊاڪٽر عرفان ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد آهي ته کيس ڪيئن آزاد ڇڏيو ويو، جاچ آفيسر موقف اختيار ڪيو ته ڊاڪٽر عرفان خلاف ڪي شاهديون نه مليون آهن، برسات سبب واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيجز به نه ملي سگهيا، عدالت چيو اهو ته پوليس جي جاچ تي سواليا نشان آهي، اسان کي ته شڪ آهي ڊي اين اي نمونا به ٽيسٽ لاءِ نه اُماڻيا هوندا، عدالت جاچ آفيسر کان رسيوِنگ سِلپ طلب ڪري ورتا، جوابدار جُنيد ۽ وقاص جي ضمانت درخواست تي فيصلو محفوظ، جاچ آفيسر کي ٻنهي جوابدارن خلاف شاهديون به پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو