ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاهه چيو آهي ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ جي ذريعي گورک هل، ڪينجهر، درياءِ سنڌ، ننگر پارڪر ۽ صوبي جي سامونڊي پٽي تي سياحت کي هٿي وٺرائي ويندي، هن چيو ته صوبي ۾ سياحت جي حوالي سان وڏي پوٽينشل آهي، اها ڳالهه هن ثقافت ۽ سياحت کاتي جي هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي، اجلاس ۾ ثقافت ۽ سياحت وارو سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري، سيڪريٽري پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ، سيڪريٽري امپليمينٽيشن، ڪوآرڊينيشن ۽ سنڌ حڪومت جي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ يونٽ جي آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته صوبي جي سياحتي ماڳن جي فزيبلٽي اسٽيڊي ڪرائي ويندي ۽ پرائيويٽ ادارن سان گڏجي ڪري صوبي ۾ نئين سياحتي هنڌن جي نشاندهي پڻ ڪئي ويندي، گڏجاڻي ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاهه چيو ته گورک هل، ڪينجهر، سنڌو درياهه، ننگر پارڪر ۽ صوبي جي سامونڊي پٽي تي سياحت کي هٿي وٺرائي ويندي، هن وڌيڪ چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ جي ذريعي صوبي جي سياحتي ماڳن کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو، چيف سيڪريٽري ممتاز علي شاهه وڌيڪ چيو ته صوبي ۾ سياحت جو وڏو پوٽينشل آهي، لبِ مهراڻ ۽ المنظر تي پڻ ڪم ڪيو ويندو، هن ورڪس اينڊ سروسز کاتي کي هدايت ڪندي چيو ته رني ڪوٽ ۽ ننگر پارڪر جي رستن جي جلد مرمت ڪئي وڃي ته جيئن اتي اچڻ وارن سياحن کي ڪنهن مشڪل کي منهن نه ڏيڻو پوي، گڏجاڻي ۾ ثقافت ۽ سياحت واري سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته گورک ۽ لبِ مهراڻ جي فزيبلٽي اسٽڊي ڪئي وئي آهي، موهن جي دڙي ۾ ٽيم پارڪ جي تعمير، سيوهڻ شريف، ڪينجهر، ڪارونجهر ۽ ٻين هنڌن تي اچڻ وارن سياحن لاءِ هوٽل جي تعمير غور هيٺ آهي، چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاهه ايندڙ گڏجاڻي ۾ گورک هل ۽ لب مهراڻ جي فيزيبلٽي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي، چيف سيڪريٽري پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ يونٽ جي آفيسرن کي هدايت ڏيندي چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي پاليسي بورڊ جي ايجنڊي ۾سياحت جا ايجنڊا به شامل ڪيا وڃن.
230