297

حڪومت پاران عوام کي مفت ڪورونا ويڪسين مفت ڏيڻ جو فيصلو

 اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)حڪومت پاران عوام کي مفت ڪورونا ويڪسين مفت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پارلياماني سيڪريٽري نوشين حامد جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا ويڪسين عوام کي مفت فراهم ڪئي ويندي، هڪ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي نوشين حامد جو چوڻ هو ته ڪورونا ويڪسين جي لاءِ حڪومت فنڊ گڏ ڪري رهي آهي، 2012ع جي ٻي ٽه ماهي ۾ ويڪسين لڳائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويندو ۽ عوام کي ويڪسين مفت ۾ ڏني ويندي، هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا وبا جي شروع ۾ هڪ ليبارٽري هئي پر هاڻ 150 کان وڌيڪ ليبارٽريون، بيڊز  ۽ وينٽيليٽرن جو تعداد وڌايو ويو آهي، جڏهن ته پوري ملڪ ۾ 2500 آڪسيجن وارن بسترن جو به انتظام ڪيو ويو آهي، ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن پهريان وفاقي ڪابينا ويڪسين جي خريداري جي لاءِ 150 ملين ڊالر مختص ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو