لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پيرول ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پيرول تي آزادي جو مدو اڄ ختم ٿي ويو هو. ن ليگ پاران گذريل ڏينهن پنجاب جي گهرو وزارت کي هڪ درخواست ڏني وئي هئي، جنهن ۾ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پيرول تي آزادي واري مدي ۾ واڌ جي درخواست ڪئي وئي هئي، پنجاب جي وڏي وزير پيرول واري مدي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن جي تصديق خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ ڪري ڇڏي آهي.
