230

ڪورونا جا هاڃا ختم نه ٿيا، ملڪ ۾ وڌيڪ 75 ڄڻا فوت، 2829 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا جا هاڃا اڃا ختم نه ٿيا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وبا وگهي وڌيڪ 75 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته 2829 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 2 هزار 829 مريضن جا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 75 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 68 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 7 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ 19 جا 35 هزار 197 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 9 هزار 752، پنجاب ۾ 15 هزار 239، خيبرپختونخواهه ۾ 4 هزار 204، اسلام آباد ۾ 5 هزار 08، بلوچستان ۾ 271، گلگت بلتستان ۾ 336، آزاد ڪشمير ۾ 387 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 3 لک 45 هزار 365 ٿي چڪو آهي. گلگلت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل 1 هزار 756 وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 311 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 49 هزار 780 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 4 لک 3 هزار 311 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 6 هزار 932، بلوچستان ۾ 17 هزار 215، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 667، اسلام آباد ۾ 30 هزار 748، خيبرپختونخواهه ۾ 47 هزار 701، پنجاب ۾ 1 لک 20 هزار 356 ۽ سنڌ ۾ 1 لک 75 هزار 642 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 8 هزار 166 آهي جن مان سنڌ ۾ 2 هزار 962 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 23 مريض اسپتالن ۽ 4 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا، پنجاب ۾ 3 هزار 66 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 28 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته 2 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا، خيبرپختونخواهه ۾ 1 هزار 375 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 6 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، اسلام آباد ۾ ڪل 324 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 6 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، بلوچستان ۾ 169 فوتگيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، گلگت بلتستان ۾ 97 فوتگيون، آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 173 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 مريض اسپتال ۾ ۽ هڪ مريض گهر ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيو. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جا 55 لک 84 هزار 635 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 615 اسپتالن ۾ 2 هزار 810 مريض علاج هيٺ آهن. onAuthority.crt0$+0�http://ocsp.comodoca.com0� +�y����

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو