لاهور (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ۾ موجود وڌيڪ هڪ پاڪستاني رانديگر جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ڪورونا متاثرن جو انگ 8 ٿي ويو آهي. نيوزيلينڊ جي لاڳاپيل عملدارن سان خيالن جي ڏي وٺ کانپوءِ پي سي بي پاران جاري ڪيل اپ ڊيٽ مطابق هن وقت تائين پهرين، ٽئين ۽ ڇهين ڏينهن ٿيندڙ ڪووڊ 19 ٽيسٽ ۾ قومي اسڪواڊ جي 54 مان 8 ميمبرن جي ٽيسٽ پازيٽو آئي آهي.
