301

ملتان ۾ آصفه ڀٽو جي شاندار سياسي انٽري….

ليکڪ: نصير چنا

ملتان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي پاران يومِ تاسيس جي موقعي تي اعلانيل جلسي لاءِ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ۽ سندس پٽن جيئن ئي تياريون شروع ڪيون ويون تھ وفاقي حڪومت جي ھدايتن تي انتظاميا وک وک تي رڪاوٽون وجھڻ شروع ڪري ڇڏيون ۽ جلسي گاھھ جي بجلي ڪاٽڻ، پاڻي بند ڪرڻ، ٽرانسپورٽ روڪرائڻ ۽ جن دڪانن تان سامان خريد ڪيو ويو انھن خلاف ڪارروائي ڪري دڪانن کي سيل ڪيو ويو، پر تنھن باوجود بھ چئني صوبن مان پي ڊي ايم جي اتحادي سمورين پارٽين خاص طور تي پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن جلسي ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي، ايترين رڪاوٽن ۽ سختين باوجود ملتان جي مقامي ماڻھن جو وڏو انگ بھ  جلسي ۾ شريڪ ٿيو، جنھن جو هڪ سبب مھانگائي ۽ عوام  جا مسئلا حل  نھ ٿيڻ بھ ٿي سگھي ٿي، پي ڊي ايم جلسي ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري طبيعت خراب ھجڻ ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪورونا سبب آئسوليشن ۾ ھئڻ ڪري شرڪت نھ ڪري سگھيا، ان ڪري سندن خال ڀرڻ لاءِ آصفه ڀٽو زرداري جي جلسي ۾ شرڪت جو اعلان ڪيو ويو، جيڪو ٻڌندي ئي جيالن جو جوش بھ ٻيڻو ٿي ويو، جلسي ۾ شرڪت لاءِ جڏھن  آصفھ ڀٽو ايئرپورٽ تي پھتي تھ وڏي انگ ۾ جيالن سندس ڀرپور استقبال  ڪيو، آصفھ ڀٽو کي گيلاني ھائوس کان ريلي جي صورت ۾ جلسي گاھھ آندو پئي ويو تھ پ پ چيئرمين جي ڀيڻ ڪارڪنن کي بار بار ماسڪ پائڻ جون ھدايتون ڪندي رھي، جلسي ۾ پھچڻ بعد بھ ھن ڪارڪنن کي ماسڪ پائڻ لاءِ ھدايتون ڏنيون، جلسي ۾ جي يو آءِ سربراھھ مولانا فضل الرحمان، ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني سميت سمورا اڳواڻ موجود  ھئا، جن  خطاب پڻ ڪيو، پر  ھن جلسي ۾ آصفھ ڀٽو زرداري جي سياست جي شروعات ۽ شاندار انٽري سبب ھوءَ ڏيھي توڙي پرڏيھي ميڊيا جي توجھھ جو مرڪز بڻيل رھي، جيالن بھ آصفھ جي سياست ۾ انٽري تي سندس پرجوش آجيان ڪئي، سوشل ميڊيا تي بھ آصفھ ڀٽو لاءِ صارفين نيڪ تمنائن جو اظھار ڪندي لکيو تھ اڄ آصفه ڀٽو ۾ شهيد بينظير ڀٽو نظر آئي، آصفھ ڀٽو جلسي کي خطاب ڪندي چيوتھ آئون اوهان جي ٿورائتي آهيان جو سيليڪٽيڊ جي ظلمن باوجود هتي گڏ ٿيا آهيو، عوام فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي ته سيليڪٽيڊ کي وڃڻو ئي پوندو، عوام کي سيليڪٽيڊ حڪومت کان بچائينداسين، هن وڌيڪ چيو ته آئون اهڙي وقت ۾ اوهان جي سامهون  آئي آهيان جڏهن منهنجو ۽ اوهان جو ڀاءُ بلاول ڀٽو ڪورونا ۾ ورتل آهي، آئون به اوهان سان واعدو ٿي ڪريان ته هر قدم تي چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ اوهان گڏ ئي رهنديس، هي سمجهن ٿا ته اسان گرفتارين کان ڊڄي وينداسين پر اها انهن جي ڀل آهي، اسين گرفتارين کان نه ٿا ڊڄون، جيڪڏهن اسان جي ڀائرن کي گرفتار ڪيو ويو ته پ پ جي هر عورت جدوجهد لاءِ تيار آهي، آصفا ڀٽو مختصر خطاب بعد زودار نعرا پڻ ھڻايا، جنھن تي جلسي گاھھ ۾ موجود ڪارڪن جذباتي ٿي ويا ۽ نعرن جو ڀرپور جواب پڻ ڏنو، آصفھ ڀٽو سياست ۾ انٽري بعد ميڊيا تي ڇانئيل آھي، سينيئر صحافين ۽ تجزيانگارن پڻ سندس لاءِ نيڪ تمنائن جو اظھار ڪيو آھي، ڏٺو وڃي تھ ڪورونا جي آڙ ۾ جلسي کي روڪڻ  ۽ وک وک تي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم قيادت حڪومت کي ڪامياب جلسو ڪري ڏيکاريو ۽ جلسي جي ڪاميابي جو سبب بھ حڪومت پاڻ ئي آھي، ڇاڪاڻ تھ جلسي ۾ رڪاوٽون  وجھڻ ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ واري معاملي تي ميڊيا ۾ ھڪ نئون بحث  شروع ٿي ويو، ان کي ڀرپور ڪوريج  ملي تنھنڪري جيالا ۽ ٻين مختلف پارٽين جا ڪارڪنن بھ جذباتي ٿي ويا ۽ جلسو ماڻھن جي ڌيان جو سبب بڻيل رھيو، جلسي ۾  پي ڊي ايم سربراھھ مولانا فضل الرحمان حڪومت خلاف تحريڪ جاري رکندي 13 ڊسمبر تي لاهور ۾ بھ  جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪندي سياسي ڪارڪنن تي ملتان ۾ ٿيل تشدد خلاف جمع ۽ آچر تي پوري ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرن جو پڻ اعلان ڪيو، هاڻي اسان جو مقابلو 13 ڊسمبر تي لاهور ۾ ٿيندو، هاڻي اسين لاهور ۾ ملنداسين، اتان هنن جو جنازو نڪرندو، لاهور جو جلسو هنن جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو،  جلسي کي مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز  خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي جي يومِ تاسيس تي پ پ کي مبارڪون ڏيان ٿي ۽ آصفه ڀٽو جي آجيان ڪريان ٿي، ملتان وارن عمران خان کي ماري ڀڄايو آهي، جڏهن گهر تي ڏکيو وقت ايندو آهي ته ان گهر جون نياڻيون به نڪري پونديون آهن،  پي ڊي ايم جي لاھور کان پوءِ اسلام آباد ۾ جلسي جي اشاري بعد حڪومت  کي بھ سوچڻ گھرجي تھ ھاڻي اڃا بھ وڌيڪ عوام روڊن تي اچي سگھي ٿو، ڇاڪاڻ تھ وفاقي حڪومت اليڪشن  ۾ڪيل سمورن واعدن  تان يوٽرن وٺي ڇڏيو آھي، عوام کي روزگار ڏيڻ بدران روزگار کسيو پيو وڃي، تازو ئي اسٽيل مل جي ھزارين ملازمن کي بھ جبري برطرف ڪيو ويو آھي، ڪاروباري ماڻھو پڻ حڪومت جي پاليسن کان بيزار اچي ويا آھن، جي حڪومت اڃا بھ  اک نھ پٽي ۽ عام ماڻھن جا مسئلا حل نھ  ڪيا تھ پوءِ عمران خان کي عوام ھڪ ڏينھن ضرور گھر موڪلي سگھي ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو