278

افغان سرحد تان دهشتگردن جو مارٽر گولن سان حملو، هڪ ڌنار مارجي ويو، ٻيو زخمي

باجوڙ ( ويب ڊيسڪ) باجوڙ ويجهو سرحدي علائقي ۾ افغانستان کان دهشتگردن مارٽر گولن سان حملو  ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڌنار شيرين خان مارجي ويو جڏهن ته ڪشمير خان زخمي ٿي پيو، ميڊيا رپورٽ مطابق ٻئي مال چاريندڙ هئا، جيڪي تحصيل سالارزئي جي علائقي سروونو  سان تعلق رکندڙ هئا. مارجي ويل جو لاش ۽ زخمي کي باجوڙ اسڪائوٽس جي جوانن طرفان سي ايم ايڇ اسپتال پشاور منتقل ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو