317

تعليمي ادارن جي بندش، قومي نقصان جو ازالو ڪيئن ٿيندو؟؟

ليکڪ:  محمد اسماعيل لانگاهه

 ڪورونا وائرس جي پهرين لهر ۾ ستن مهينن جي ڊگهي عرصي تائين ٿيل لاڪ ڊائون کانپوءِ اسڪول کوليا ويا پر ڪورونا وائرس جي پچر پئي هلي ته وائرس ختم ناهي ٿيو، اسڪول ايس او پيز تحت کوليا ويا آهن، تان جو وري سيارو اچي ويو وري ڪيس وڌڻ لڳا مٿان وري ملڪ جي حڪمران جماعت پي ٽي آءِ خلاف مخالف ڌُرجي گڏيل پارٽين پي ڊي ايم ٺاهي ملڪ ۾ وفاقي حڪومت جي نااهلين خلاف اچي واويلا مچائي، مخالف جماعتن جي تحريڪ سان ملڪ جو تقريبن80 سيڪڙو عوام متفق آهي ته موجوده حڪومت نئين پاڪستان ۽ مديني جي  رياست وارو نئون نعرو ۽ منشور کڻي ڪاميابي ماڻي انهن واعدن تي ذري برابر به عمل نه ڪيو آهي ۽ ھن وقت جيئن جيئن پي ڊي ايم جا جلسا زور پڪڙي رهيا آھن تيئن  تيئن وفاقي سرڪار لاءِ پريشانيون وڌڻ لڳيون آهن، ان ڪري سرڪار مسئلن تان عوام جو ذھن هٽائڻ لاءِ ڪورونا وائرس جو سهارو ورتو آهي، مخالف ڌُر کي چتاءُ ڏنو ويو آهي ته جلسا جلوس ختم ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ اجازت نه ڏني ويندي، سرڪار جي سخت وارننگن کي مخالف ڌُر هن وقت تائين کنگهيو به نه، سو وفاقي سرڪار ڪورونا وائرس جي وڌندڙ ڪيسن کي جواز ڏئي ملڪ اندر لاڪ ڊائون جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي پهرين سلسلي ۾ شادي هال، يونيورسٽيون ۽ ٻيا تعليمي ادار مهيني جي لاءِ بند ڪري ڇڏيا آهن، جنهن لاءِ ھاڻ وفاقي سرڪار کي مخالف ڌُر جي جلسن کي روڪڻ جو جواز ملي چُڪو آهي ڇو ته پي ڊي ايم جا جلسا ڪورونا وائرس جيان هن وقت تيزي  اختيار ڪري چُڪاآهن ۽ جلسن دوران عوام کي اهو ٻُڌايو پيو وڃي ته سرڪار کي جنوري تائين گهر ڀيڙو ڪيو ويندو، ڪنهن ۾ ڪيتري طاقت آهي هن ملڪ جي عوام جو ويساه نه ئي حڪمران جماعت تي رهيو آهي ۽ نه وري مخالف جماعت جي اتحاد تي، ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ملڪ جي سياسي ڇڪتاڻ کان وڌيڪ شدت اختيار ڪري وئي آهي، پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ٻي لهر کي وڌندو ڏسندي وفاقي حڪومت پرائيوٽ اسڪول 26 نومبر کان 10 جنوري تائين  بند رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پرائيويٽ اسڪول انتظاميا جي تنقيد باوجود وفاق ۽ صوبن متفق طور فيصلو ڏنو آهي پاڪستان جي موجوده تعليم جي وزير شفقت محمود صوبائي وزيرن سان ڪيل گڏجاڻي کانپوءِ اعلان ڪيو ته اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون 26 نومبر کان 10 جنوري تائين بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيوآهي  اهڙو فيصلو اين سي او سي جي ان رپورٽ تحت ڪيو ويو جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته گذريل هڪ هفتي اندر تعليمي ادارن ۾ وائرس وڌيو آهي، آن لائين ڪلاسز جاري رکڻ جو جيڪوفيصلو ڪيو ويو آهي تعليم کاتي سان سراسر ظلم ۽ ناانصافي تي ٻڌل آهي، ٻين صوبن کي ڇڏي سنڌ جي تعليم جي تباهي جو ذڪر ڪجي ته اهو بيان نٿو ڪري سگهجي، اسڪول بند ڪري غريبن جي معصوم ٻارن جو مستقبل هڪ اوڙاهه ۾ اڇلايو پيو وڃي، مٿي ڄاڻايل حڪومتي فيصلي کي حالتن جي مجبوريءَ ۾ درست عمل سمجهون يا مفاد، پر  ان حڪومتي فيصلي  کان انڪار ڪرڻ جو مقصد اهو آهي  ته صحت کي اوليت ملڻ گهرجي صحت جون سهولتون بهتر هونديون ته بيمارين تي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو، جوش بدران هوش مان ڪم وٺي فيصلا ڪيا وڃن ۽ اهڙا فيصلا ڪيا وڃن جنهن ۾ عوام طرفان همت افزائي  ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته ڪورونا وائرس  عالمي طور تي وچڙندڙ، خوفناڪ ۽ موتمار بيماري سمجهي وڃي پئي، پهرين لاڪ ڊائون کانپوءِ ٻيهر لاڪ ڊائون وارو فيصلو سوبه تعليم کاتي ۾ افسوسناڪ سمجهيو پيو وڃي ٻيا به کوڙ طريقيڪار هئا جنهن سان وائرس تي ضابطو آڻي سگهجي پيو جيڪڏھن هن سردي ۾ به انجيڪشن نه آندي وئي ته ڇا وائرس تي ضابطي جو حل صرف لاڪ ڊائون ئي هوندو؟؟. تعليم معاشري جي ترقي ۽ جهالت جي خاتمي جو حل آهي پهرين ٿيل لاڪ ڊائون دوران تعليم ۾  ٿيل نقصان جو ازالو ئي نه ٿي سگهيو هو ته وري اسڪول بند ٿيڻ سان هزارين ٻار پڙھڻ ڇڏي ٻئي ڪم ڪار سان لڳي سگهن ٿا جنهن سان سنڌ جي عوام ۽ سنڌ جي تباهي ٿيندي جنهن کي ترقي واري رستي تي آڻڻ ڏکيو هوندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو