290

اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جو رجحان ۽ فلسطين جو مستقبل..

ليکڪ:  سهيل احمد جسڪاڻي

ٻي عالمي جنگ جي خاتمي تائين ميڊيٽيرين سمنڊ ۽ اردن ندي جي وچ واري خطي کي صرف  فلسطين جي نالي سان  سڏيو ويندو هو. جنھن ۾ موجود يروشلم جو شھر دنيا جي ٽن مذھبن اسلام، يھوديت ۽ عيسائيت جن کي ابراھيمي مذھب پڻ سڏيو ويندو آهي انهن لاءِ اھميت وارو  آهي. پھرين عالمي جنگ لڳڻ جي بنيادي سببن مان هڪ سبب قومپرستي ھو. يورپ ۾ رھندڙ مختلف قومن  پنھنجي الڳ وطن لاءِ جدوجھد شروع ڪئي.انھن ۾يھودي قوم پڻ شامل ھئي. يھودين پنھنجي لاءِ الڳ وطن جي منصوبابندي اڻويھين صدي ۾ ڪئي. يھودين جي ان تحريڪ جي قيادت ٿيوڊور ھرزل ڪئي جنھن عالمي صھيوني تحريڪ جو بنياد وڌو. جنھن مطابق فلسطين ۾ سندن وطن  ھوندو۔ ڇو ته اتان ئي سندن مذھب جي شروعات ٿي ھئي  ۽ انھن جي مذھب جون مقدس جايون پڻ اتي آھن. پھرين عالمي جنگ جي خاتمي تائين فلسطين سلطنت عثمانيه جي ڪنٽرول ۾ ھو. تنهن وقت جي سامراج برطانيا حجاز جي عربن کي عثماني ترڪن کان آزادي ڏيارڻ لاءِ کين عثماني ترڪن جي خلاف بغاوت لاءِ راضي ڪيو. بدلي ۾ کين آزاد ملڪ ڏيارڻ جو واعدو پڻ ڪيو. ان نتيجي ۾ سعودي عرب وجود ۾آيو. سلطنت عثمانيه پھرين عالمي جنگ ۾ شڪست کانپوءِ ٽٽي وئي، پھرين جنگ عظيم ۾ برطانيا ۽ سندس اتحادين کي فتح نصيب ٿي. جنھن ڪري اتحادين ۾ علائقا ورھايا ويا . فلسطين برطانيا جي حصي ۾ آيو. 1945ع تائين فلسطين جي ڪل آبادي جو %63 مسلمان ۽ باقي 37% سيڪڙو يھودي ۽ عيسائي ھئا پر ھٽلر جي قھر ۽ صھيوني تحريڪ جي ڪري يھودين جي لوڌ فلسطين جي سرزمين تي آباد ٿيڻ شروع ڪيو. جڏهن يھودين پنھنجي الڳ وطن لاءِ بغاوت شروع ڪئي ته برطانوي سرڪار کين منھن ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي ھي مسئلو گڏيل قومن جي حوالي ڪيو. گڏيل قومن 1948ع ۾ ھن مسئلي جو حل ڪڍندي ھن ملڪ کي ٻن رياستن ۾ ورھايو، جنھن مطابق غزا پٽي ۽ اردن ندي جو اولهه وارو ڪنارو مسلمانن، جڏهن ته باقي علائقو يھودين جي حوالي ڪيو ويو.  جنھن مطابق %55 حصو اسرائيل ۽ %42 حصو فلسطين کي ڏنو ويو. جڏهن ته باقي %3 حصو جنهن ۾ يروشلم جو شھر شامل آهي اھو بين الاقوامي ڪنٽرول ۾ ڏنو ويو. ائين ئي 16 مئي 1948 تي اسرائيل جو ملڪ دنيا جي نقشي تي ظاهر ٿيو. گڏيل قومن جي اھا ورھاست غير منصفاڻي ھئي جنھن مطابق %37 آبادي رکندڙ يھودين کي %55 سرزمين ڏني وئي. جڏھن ته %63 آبادي رکندڙ مسلمانن کي %42 سرزمين ڏني وئي. ھن فيصلي کي فلسطينين ۽ ٻين عرب ملڪن (شام، عراق،   مصر ۽ اردن) قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري اسرائيل تي حملو ڪري ڏنو پر اسرائيل کين بدترين شڪست ڏني. اھڙي طرح اسرائيل مختلف جنگين ۾ فلسطين ۽ ٻين عرب ملڪن کي شڪست ڏئي نه صرف فلسطين جي %78 علائقن تي قبضو ڪيو پر شام جو گولان ھائيٽس  ۽ مصر جي سنائي ٻيٽ وارو علائقو پڻ پنهنجي قبضي ۾آڻي ڇڏيو. اھڙي طرح 1967ع جي جنگ ۾ فلسطين جو باقي بچيل %22  حصو پڻ اسرائيل جي قبضي ۾اچي ويو. جنھن ۾ غزا پٽي، اولهھ وارو ڪنارو ۽ يروشلم شھر جو اتريون علائقو شامل آھي.اسرائيل جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ فلسطيني پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي نڌڻڪا ٿي ويا آهن. اڄ تائين اسرائيل سان مختلف وڳوڙن۾ ھزارين فلسطيني اجل جو شڪار ٿيا آهن. گذريل ڏهن سالن کان اسرائيل پاران ڪاروباري بندش جي ڪري فلسطين جي معيشت ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندي پئي وڃي.گڏيل قومن جي رپورٽ مطابق ھن عرصي ۾ فلسطيني معيشت کي 16.7 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو آهي ۽ بيروزگاري پڻ ڏينھون ڏينھن وڌي رهي آهي. غزا پٽي ۾ صحت، صفائي، صاف پاڻي جي کوٽ ۽ دوائن جي کوٽ جا سنگين بحران پيدا ٿي ويا آهن. تعميراتي سامان جي فراهمي بند ھجڻ سبب اسرائيل پاران غزا ۾ تباھه ڪيل گھرن جي مرمت نه ٿي سگھي آهي. فلسطينين تي غزا پٽي کان ٻاهر نڪرڻ ۽ ان ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي آهي. ان جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي گولي ھلائي ويندي آهي. پاڻي جي وسيلن تي پڻ اسرائيل جو قبضو آهي.اسرائيل جي فلسطين ۾ انساني حقن جي پائمالي تي انساني حقن جا عالمي ادارا صرف مذمتي بيانن تائين محدود آهن. جيڪڏهن ڪا قرارداد پاس ٿئي ٿي ته آمريڪا ان کي ويٽو ڪري ڇڏي ٿو. جڏھن ته 40 لکن کان وڌيڪ فلسطيني ٻين ملڪن گھڻو ڪري اردن ۾ پناهگير آھن. جيڪي 1967ع واري جنگ ۾ يھودين جي ظلمن سبب پنھنجو اباڻو وطن ڇڏڻ لاءِ مجبور ٿيا ھئا. اسرائيل فلسطين جي اولهه واري ڪناري (West Bank) جي اولهندي حصي ۾ واقع يھودي آبادين (Jewish Settlements) کي پڻ پنهنجي حدن ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي جيڪو غير قانوني آهي. اسرائيل آمريڪا جي حمايت سان وچ اوڀر ۾ پنھنجو اثر رسوخ وڌائڻ ۽ فلسطين کي اڪيلو ڪرڻ ۾ ڪامياب نظر اچي رهيو آهي. ڇو ته مصر ۽ اردن سندس ناجائز وجود کي اڳ ئي تسليم ڪري چڪا آهن. جڏھن ته تازو ئي بحرين، سوڊان ۽ متحده عرب امارات پڻ اسرائيل کي تسليم ڪيو آهي. عالمي مبصر ان کي ٽرمپ جي صدي واري سودي (Deal of the Century) جي فتح قرار ڏئي رھيا آھن. ٽرمپ انتظاميا مسلمانن جي لٺ سردار سعودي عرب کي پڻ اسرائيل کي تسليم ڪرڻ لاءِ راضي ڪرڻ ۾ مصروف رهي آهي، تازو ئي سعودي عرب جي شهر نيوم جيڪو ڳاڙهي سمنڊ جي ڪناري تي واقع آهي ان ۾ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو، اسرائيلي ڳجهي ايجنسي جي سربراھه يوسيف مئير ڪوھن ۽ سعودي شھزادي محمد بن سلمان جي ڳجهي ملاقات بابت خبرون ھلي رھيون آھن. آمريڪا جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ مائيڪ پومپيو پڻ اھڙي ڳجهي ملاقات طرف اشارو ڪيو آھي. پر سعودي اختيارين ان جي ترديد ڪئي آهي.عرب ملڪن جو اسرائيل ۽ آمريڪا سان ويجھڙائي جو ھڪ سبب سندن گڏيل دشمن ايران آھي جيڪڏهن سعودي عرب اسرائيل کي تسليم ڪيو ته پاڪستان ۽ ٻين ملڪن تي پڻ پريشر پوندو. اسرائيل کي تسليم ڪرڻ يعني ان جي فلسطين تي جارحيت کي تسليم ڪرڻ. ان ڪري اسرائيل کي تسليم ڪندڙ ملڪن کي پنھنجي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي. اسلامي دنيا فلسطين جي مسئلي تي ھڪ پيج تي نظر نه اچي رھي آھي. آمريڪا جا اتحادي ملڪ اسرائيل لاءِ نرم رويو رکن ٿا. ترڪي جو موقف پڻ چٽو نه آهي ھڪ طرف ھو اسرائيل خلاف بيانبازي ڪندي نظر اچي ٿو ته ٻئي طرف ھن جا اسرائيل سان واپاري لاڳاپا آهن. سعودي عرب طرفان ٺھيل اسلامي ملڪن جو اتحاد پڻ فلسطين جي مظلومن سان سھڪار نه ٿو ڪري. اسلامي دنيا ۾ صرف ايران، شام، عراق، لبنان جي شيعا تنظيم حزب الله ۽ يمن جا حوثي ئي اسرائيل جا واضح مخالف نظر اچن ٿا. ايران جي انقلابي اڳواڻ امام خميني اسرائيل کي اسلام جي وجود ۾ خنجر جيان قرار ڏنو آهي. ايران ۽ حزب الله نه صرف نظرياتي طور فلسطين سان گڏ آھن. پر اھي فلسطين جي عسڪري تنظيم حماس جا مددگار پڻ آهن. جنھن کي آمريڪا پاران دھشتگرد قرار ڏنو ويو آهي. اھوئي سبب آھي جو اسرائيل، ايران ۽ ان جي اتحادي ملڪن کي پنھنجي وجود لاءِ خطرو سمجهي ٿو. جڏھن اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو کان ھڪ انٽرويو ۾ پڇيو ويو ته اسرائيل کي ڪھڙا ٽي خطرا لاحق آھن ته ھن جواب ۾ ٽي دفعا ايران، ايران، ايران چيو. اسلامي دنيا جيڪڏهن ائين ئي ٽٽل رھي ته ٽرمپ جو صدي واري سودي وارو منصوبو ڪامياب ٿيندو ۽ فلسطين جو وجود مٽجي ويندو. تنھنڪري اسلامي ملڪن کي گھرجي ته ھو نه صرف فلسطين پر ڪشمير ۽ ٻين اسلامي ملڪن جي مسئلن جي حل لاءِ ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي دشمن جي سازشن کي ناڪام بڻائن. ڇو ته اسلام مظلوم جي حمايت ۽ ظالم جي خلاف مزاحمت جو درس ڏي ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو