ايڊيٽوريل
پاڪستان اسٽيل مل جي برطرف ملازمن پنهنجي بحالي لاءِ هلندڙ جدوجهد تيز ڪري ڇڏي آهي، وفاقي حڪومت پاران هڪ ئي ڌڪ ۾ برطرف ڪيل 4544 ملازمن گذريل ڏينهن بن قاسم ريلوي پٽڙي تي ليٽي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ريلوي گاڏيون بيهي ويون، ان کان اڳ ملازمن صبح جو قومي شاهراهه ڀرسان اسٽيل مل جي مک جناح گيٽ تي ڌرڻو هنيو جيڪو به 5 ڪلاڪ جاري رهيو، رپورٽن مطابق پوليس ۽ رينجرز پاران ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ دٻاءَ وجهڻ بعد ملازمن ۾ تاءَ پکڙجي ويو ۽ انهن ريلوي ٽريڪ تي ڌرڻو هڻي ماتم ڪيو آهي، هوڏانهن هڪ هفتي کان احتجاج ڪندي ملازمن وٽ ڪو به سياستدان، حڪومتي نمائندو يا اسٽيل مل جو ڪامورو ۽ انتظامي آفيسر ٺلهين ڳالهين يا آٿت لاءِ به ناهي پهتو، ملازم اڳواڻن چيو آهي ته سندن بحالي تائين انهن جي تحريڪ جاري رهندي، هوڏانهن عوامي تحريڪ جي سنڌي مزدور تحريڪ جي اڳواڻن 13 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ احتجاجي مظاهري جو اعلان ڪندي سڄي سنڌ ۾ مزدور بحالي جي تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.اسان سمجهون ٿا ته پاڪستان ۾ هي مسئلا گهڻا پراڻا ۽ حل طلب آهن، خاص ڪري ادارن جي زبون حالي ۽ معاشي ڏيوالپڻو ڪو اڄ جو مسئلو نه آهي پر اهو مسلسل هلندڙ مسئلو آهي، جنهن کي حل ڪرڻ لاءِ بهتر حڪمت عملي جي ضرورت آهي، ڪنهن به ملڪ اندر اها رياستن جي ذميواري هوندي آهي ته اهي پنهنجي ماڻهن جا مسئلا حل ڪن ۽ انهن جو اهڙو حل ڪڍيو وڃي جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ اتان جو ماڻهو مطمئن ٿي سگهي، اسٽيل مل جو مسئلو گذريل 20، 25 سالن کان مسلسل هلندو آيو آهي، هي مل هڪ دور ۾ ملڪ جي انتهائي نفعو ڏيندڙ اداري طور تي ڄاتي ويندي هئي، جنهن بعد آهستي آهستي ان اداري جي پيداواري صلاحيتن ۾ گهٽتائي ايندي وئي، جڏهن ته ان تي ملازمن جو بار وڌندو ويو، ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته آهستي آهستي هر وقت جي حڪومت هڪ هڪ ڪري اهي مسئلا سامهون آڻي ۽ انهن جو حل ڪڍي ها پر بدقسمتي سان ائين ٿي نه سگهيو ۽ ايڊهاڪ تي ادارو هلايو ويو ۽ موجوده حڪومت وري اداري جي بحالي بدران هڪ ئي ڌڪ ۾ ان کي بند ڪرڻ ۽ وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، هڪ اهڙو ادارو جنهن سان هزارين ملازمن جي گهرن جي چلهه ٻري ٿي ۽ سندن روزگار جو ذريعو آهي، انهن کي ائين رات پيٽ ۾ بيدخل ۽ بيروزگار ڪري بي يارو مددگار ڇڏڻ سراسر ناانصافي وارو عمل آهي، اسان سمجهون ٿا ته حڪومت کي اسٽيل مل جي پورهيتن لاءِ هڪ اهڙو فارمولو طئه ڪرڻ گهرجي ها، جنهن ۾ سندن مرضي مطابق کين سهولتون ڏئي فارغ ڪيو وڃي ها ته ان سان گهٽ ۾ گهٽ انهن پورهيتن کي اها تسلي هجي ها ته حڪومتن کي اسان جو اونو آهي. ڪنهن به ملڪ اندر سڀ کان وڌيڪ مظلوم طبقو پورهيت طبقو هوندو آهي ۽ پورهيت ئي اهي ماڻهو آهن جيڪي ملڪن جو مان مٿانهون ڪندا آهن، سندن محنت سبب ئي ادارا ۽ ملڪ مستحڪم ٿيندا آهن، ان ڪري وفاقي حڪومت کي اسٽيل ملز جي پورهيتن کي برطرف ڪرڻ واري معاملي تي ٻيهر نظرثاني ڪرڻ گهرجي ۽ ان حوالي سان پورهيتن جا خدشا ٻڌڻ گهرجن ۽ هن معاملي جو اهڙو حل ڪڍڻ گهرجي، جنهن مان پورهيت مطمئن هجن، هڪ عام چوڻي آهي ته پورهيت خدا جو دوست آهي ۽ موجوده حڪومت پڻ مديني واري رياست جو منشور کڻي آئي آهي ۽ مديني واري رياست جي خواب ۾خدا جي دوست پورهيتن کي ائين بيروزگار ڪري وات مان گرهه کسڻ جي نه ته اسلام ۽ نه ئي جمهوري قدر اجازت ڏين ٿا.