ليکڪ: ”راز“علي گل ڀٽو
جمھوري حڪومت جي وصف لکندڙ ڏاھن لکيو آھي ته جيڪا حڪومت، عوام ذريعي ھجي، عوام جي ھجي، عوام لاءِ ھجي، ۽ عوام ڏانھن جوابده ھجي، انھيءَ کي ئي حقيقي جمھوري سرڪار چئجي ٿو، جمھوري راڄ ۾عوام پنھنجي راءِ سان نمائنده چونڊي پارليامينٽ جوڙي ٿو ۽ پارليامينٽ ۾ اڪثريتي ڌر وري حڪومت جوڙيندي آھي، جڏھن ته ٿورائي واري ڌر وري مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪندي حڪومت تي تنقيدي نگاهه رکندي آھي، اھڙي ريت سڌريل معاشري ۾ پارليامينٽ وسيلي ئي حڪومتي وھنوار ھلايو ويندو آھي، پر اسان جھڙن ترقي پذير يا پٺتي پيل ملڪن ۾ ڳالهھ بلڪل مختلف ھوندي آھي، ھتي پارليامينٽ صرف چوائڻ ۽ ڏيکاءَ لاءِ ھوندي آھي، پر حڪومتون صرف اٽڪلن ۽ حرفتن سان ھلايون وينديون آھن، پارليامينٽ کي پاسيرو رکي پارليامينٽ جي نالي ۾ڪجهه چالاڪ ۽ واتوڙن جي وارو وارو جي ٽيڪن سان حڪومتون ھلايون وينديون آھن، جمھوريت کي جمھوريت جي نالي واري ڳجھي ڇريءَ سان ذبح ڪيو ويندو آھي، حڪومتي ڌر مطلب جا ڪم ڪاريون پنھنجي مرضيءَ سان ڪندي آھي، جنھن ۾ پارليامينٽ جو ڪو عمل دخل ۽ راءِ شامل نه ھوندي آھي، پارليامينٽ جا اجلاس گھٽ گھرائڻ ۽ انھن اجلاسن ۾ به وزير اعظم ۽ وزيرن جو نه ھجڻ حڪومتن جو محبوب مشغلو ھوندو آھي، مخالف ڌر وري جيسين حڪومت کان ٻاھر ھوندي آھي، تيسين پارليامينٽ جي اھميت ۽ وڏائي جا دھل وڄائيندي آھي، وري جڏھن ساڳي مخالف ڌر حڪومت ۾ ايندي آھي ته پنھنجا گذريل وعده ۽ وچن وساري ويھندي آھي، گذريل حڪومتن جي نقش قدم تي ھلندي ساڳي طرح حڪومتي ڪاروھنوار ھلائيندي آھي، ان طريقي سان جمھوريت ۽ پارليامينٽ پوئتي ۽ حڪومت اڳتي ھوندي آھي، پارليامينٽ پنھنجا جوڙيل قائدا ۽ قانون حڪومتي وزارتن وسيلي ۽ وزارتون وري پنھنجي ماتحت ادارن ذريعي عمل ۾آڻينديون آهن، اھو سڌو طريقو اھي حڪومتي اڳواڻ اختيار ڪندا آھن، جن کي ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي ۽ ترقي جو اونو ھوندو آھي، باقي جيڪي ڪروڙين ۽ اربين رپيا خرچ ڪري حڪومتون جوڙيندا آھن، انھن کي عوام جو اونو صرف ووٽ وٺڻ جي حد تائين ھوندو آھي، عوام کان ووٽ وٺڻ کان پوءِ ھو گروھي ۽ طبقاتي مفادن جي پورائي لاءِ ملڪ ۽ قوم کي وساري ويھندا آھن، جڏھن به گروھي ۽ ملڪي مفادن جو ٽڪراءَ ٿيندو آھي ته اھڙيون حڪومتون ملڪ ۽ قوم بدران پنھنجن پنھنجن گروھن ۽ طبقن جون محافظ بڻجي وينديون آھن.
موجوده حڪومت به جيسيتائين ڪنٽينر تي ھئي تيسيتائين کيس ملڪ ۽ قوم جو مفاد ازحد عزيز ھيو، جڏھن جوڙ توڙ ڪري سرپرستن جي سرپرستيءَ ۾حڪومت جوڙڻ ۾ ڪامياب ٿي ته پوءِ ملڪي مسئلن کيس ڏينھن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا، مڪمل نا تجربيڪار حڪومت کي سمجهھ ۾نٿو اچي ته آخر ڇا ڪجي؟ ھڪ طرف مخالف ڌر جو دٻاءُ ٻئي طرف ٻڏندڙ معيشت جو جھاز ۽ عالمي مالياتي ادارن جون زورآور فرمائشون سرڪار کي وائڙو ڪرڻ لاءِ ڪافي آھن، ٿيڻ ته ائين کپندو ھو ته ھڪ ھڪ ڪري ترتيب ۽ دانش سان ملڪي مسئلا حل ڪري عوام کي فائدو ڏياريو وڃي ھا ته حڪومت جي ڪل سڌي ٿي وڃي ھا، پر حڪومت عوام جي پاسي ٿيڻ بدران سيکڙاٽن جي صلاحن تي لڳي ملڪي مسئلن کي ڇڏي مخالف ڌر جي پويان پئجي وئي، حڪومتي سربراهه کي ڪن ۾ اھو چئي پڪ ڏياري وئي ته نيب ۽ ايف آءِ اي ذريعي مخالف ڌر کي چپ ڪرايو ته سڀ ڪجهھ ٺيڪ ٿي ويندو، جيتوڻيڪ ھينئر مخالف ڌر ملڪ جو مسئلو ناھي، ملڪ جا ٻرندڙ مسئلا، اٽو، لٽو، اجھو، مھانگائي ۽ امن ۽ امان آھن، اھڙن مسئلن جو حل حڪومتن وٽ ھوندو آھي، جڏھن ته ھيءَ حڪومت انھن مسئلن کان بلڪل لاپرواهه لڳي ٿي، حڪومت پنھنجن پرڪارن سان مخالف ڌر جو دڳ صاف ڪري رھي آھي، حڪومت ھيل تائين عوامي ڀلائيءَ جو ڪوبه اھڙو ڪم نه ڪيو آھي، جيڪو سندس کاتي ۾ ڳڻائي سگھجي، جڏھن ته حڪومت جي اھا دعويٰ آھي ته نيب ھڪ آزاد ادارو آھي ۽ اھو حڪومت جي ماتحت ناھي ۽ مخالف ڌر جا ڪيس به نيب ۽ ايف آءِ اي وٽ آھن ته پوءِ مخالف ڌر ڄاڻي ۽ نيب ڄاڻي، جيڪڏھن حڪومت جو اھو بيان سچو آھي ته پوءِ حڪومت اين آر او جو راڳ ڇو پئي ڳائي؟ ان حال ۾ ته حڪومت جي وس ۾ قانوني طور ڪجهھ به ڪونھي، پر حڪومتي ترجمانن جا نيب ڪيسن تي بيان ڏئي وضاحتون ۽ تفصيل ڏيڻ ٻڌائين ٿا ته يا ته اھي ادارا حڪومت جي تابع آھن يا دٻاءَ ۾ آھن، حڪومت ۾ وزيرن کان وڌيڪ ترجمانن جو تعداد ٻڌائي ٿو ته حڪومت صرف ڍنڍور ھلائي پئي، درجنين ترجمانن کانسواءِ سمورا وزير به وزارتن ھلائڻ بدران ترجمانيءَ جا فرض ادا ڪري رھيا آھن، حڪومتي ترجمان ۽ وزير ھڪٻئي کان گوءِ کٽڻ لاءِ صبح سان ئي ٽي وي، ريڊيو، چئنلن ۽ اخباري نمائندن جي تلاش ۾ نڪري پون ٿا، ايترن ترجمانن ۽ وزيرن ۾صحافي پورا نٿا پون، ترجمانن جو ھاڻي ڪم وڃي اھو رھيو آھي ته وزير اعظم جا قصيدا ڳائن ۽ مخالف ڌر کي گاريون ڏين ۽ ڏوھاري ثابت ڪن، جيڪڏھن ترجمانن ۽ وزيرن جي واويلا کي ميڊيا تان ھٽائي ڇڏجي ته عملي طور حڪومت ملڪ ۾ ڪٿي به نظر نٿي اچي، ڪم ۽ ڪارناما خود حڪومت جا ترجمان ھوندا آھن، ڪم واري حڪومت کي ته ترجمانن جي ضرورت ئي نه پوندي آھي، آخر ڪار ھن حڪومت وٽ اٽي، کنڊ، تيل، ٻج، ڀاڻ، دوائن ۽ کاڌ خوراڪ جون شيون چؤڻ تي مھانگيون ڪرڻ جو ڪھڙو اخلاقي جواز آھي؟ آخرڪار ان مھانگائيءَ جو فائدو ڪھڙيءَ ڌر کي پھچي رھيو آھي، آخر ان عوامي مسئلي تي ترجمان ڇو نٿا ڳالھائين؟