ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) ڄامشورو ۽ ڪوٽڙي ۾ احساس ڪفالت سينٽرن ۽ بينڪن تي عورتون جون قطارون لڳي ويون آهن، سينٽرن وٽ ڪورونا ايس او پيز تي عمل نه ٿيو، جڏهن ته ايس او پيز عمل درآمد ڪرائڻ واريون اختياريون به گم نظر آيون. لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال وٽ موجود حبيب بينڪ ۽ سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ۾ موجود حبيب بينڪ سوڌو ڪوٽڙي ۽ ڄامشوري ۾ موجود ٻين بينڪن ۽ احساس ڪفالت سينٽرن تي پيرسن عورتن جو وڏو انگ موجود هجڻ ڪري ماڻهن جي پيهه وڌي وئي آهي، جڏهن ته بينڪن سان گڏ احساس ڪفالت سينٽرن جي انتظاميا توڙي ضلعي حڪومت طرفان ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ جوڙيل ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ وارو ڪوبه عملو ۽ طريقيڪار ڏسڻ ۾ نه آيو. ان سلسلي ۾ هتان جي سڄاڻ ڌرين ساگر الاهي بخش عالماڻي، زخمي صالح سنجراڻي، فدا ڪلرائي، امتياز کوکر، ديدار ڇڄڙو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڪورونا وائرس سبب حيدرآباد کانپوءِ ڄامشورو به حساس بڻيل آهي، جتي جي تعليمي ادارن توڙي سرڪاري آفيسن ۾ ڪيترائي ڪيس ظاهر ٿيا آهن پر هتي جي انتظاميا ڪورونا وائرس تي ضابطي لاءِ جوڙيل ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ بدران احساس ڪفالت سينٽرن ۽ بئنڪن کي عام ماڻهن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي، جيڪي ايس او پيز کان اڻڄاڻ آهن ۽ انتظاميا به ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڪابه حڪمت عملي ناهي جوڙي. هنن خدشو ظاهر ڪيو ته اهڙي صورتحال رهي ته ڄامشورو واسين کي به ڪورونا جهڙي وبا کان ڪير به بچائي نٿو سگهي.
307