192

پي آءِ اي 8 نوان جهاز خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي آءِ اي 8 نوان جهاز خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو  آهي. نجي ٽي وي مطابق پي آءِ اي جي سي اِي او ايئر مارشل ارشد ملڪ قومي ايئر لائين پي آءِ اي لاءِ 8 نوان جهاز خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سمورا جهاز 6 ورهين لاءِ ليز تي ورتا ويندا. ذريعن مطابق پي آءِ اي ملڪي ۽ عالمي سطح تي آڇون طلب ڪري ورتيون آهن ۽ اها آڇ 170 سيٽن واري جهاز جي خريداري لاءِ ڪئي وئي آهي، سمورا جهاز جنوري کان ڊسمبر 2021ع دوران پي آءِ اي حوالي هوندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو