275

جوهي ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ ۽ بدامني خلاف سڄاڻ ڌرين جو ڌرڻو، انتظاميا خلاف نعريبازي

جوهي(ن سوڀ)جوهي شھر ۾ گذريل 10 ڏينهن کان واٽر سپلاءَ جي پاڻي جي فراهمي بند  هجڻ، مهانگائي، گئس، بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ بدامني خلاف جوهي ۾ سياسي، سماجي، ادبي اڳواڻن ۽ سول سوساٽي پاران مولوي منير احمد رند، سيد نور محمد شاھ، مولانا غلام مصطفيٰ لاشاري، علي احمد رند، غلام سرور پهوڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ فاضل  چوڪ کان پريس ڪلب تائين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري پبلڪ هيلٿ کاتي جي عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جوهي شهر اندر پبلڪ کاتي طرفان واٽر سپلاءِ 10 ڏينهن کان بند پيل آهي، جنهن سبب رهواسي پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهن، شهري مجبورن پئسن عيوض پاڻي خريد ڪري گهر ۾ واپرائي رهيا آهن. هنن چيو ته گئس،  بجلي جي لوڊشيڊنگ،  بدامني ۽ شهر اندر گندگي جا ڍير لڳي ويا، شهري ننڌڻڪائپ واري زندگي گذاري رهيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو