280

قاضي احمد ڀرسان جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي گهر واري کي قتل ڪري ڇڏيو

قاضي احمد (ويب ڊيسڪ) قاضي احمد ڀرسان جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي زال کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. قاضي احمد ڀرسان جوابدار نظر محمد پنهنجي گهر واري 4 ٻارڙن جي ماءُ حاجياڻي کي ڪارنهن الزام مڙهي قتل ڪري فرار ٿي ويو. اطلاع تي پوليس پهچي مقتولا جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جيڪو ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو