271

خير محمد آريجا باءِ پاس وٽ ٻن اسڪوٽرن وچ ۾ ٽڪر، پوليس اهلڪار فوت

خير محمد آريجا (ن سوڀ) خير محمد آريجا باءِ پاس وٽ ٻن اسڪوٽرن وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار فوت ٿي ويو آهي. گذريل رات دير سان پوليس اهلڪار صابن ابڙو ولد يار محمد ابڙو لاڙڪاڻي سينٽرل جيل تي ڊيوٽي ڪرڻ بعد ڏوڪري طرف وڃي رهيو هو ته ڏوڪري طرف کان ايندڙ موٽر سائيڪل سان هن جو آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار کي دماغ ۾ ڌڪ لڳو، پوليس اهلڪار بيهوش ٿي ڪِري پيو، نامعلوم موٽر سائيڪل سوار پنهنجي موٽرسائيڪل ڇڏي فرار ٿي ويو، جنهن بعد يونيورسٽي ايٽ آريجا ٿاڻي جي پوليس زخمي کي لاڙڪاڻي جي ايمرجنسي واري شعبي ۾ کڻائي وئي، روڊ حادثي واريون ٻئي موٽرسائيڪلون پوليس پنهنجي تحويل رکي وڌيڪ جاچ ڪري آهي.  هوڏانهن پوليس اهلڪار صابن ابڙو کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ وارث ڪراچي کڻائي وڃي رهيا هئا ته هو رستي ۾ فوت ٿي ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو