332

ميهڙ ۾ زرعي زمين ۽ قبرستان تي مبينا قبضي خلاف رهواسين جو احتجاجي مظاهرو

ميهڙ(ن سوڀ) ميهڙ ۾ کوسا برادري پاران زرعي زمين ۽ قبرستان تي قبضي ۽ ڌمڪين خلاف گهاڙي روڊ کان نيشنل پريس ڪلب ميهڙ تائين غلام قادر کوسو، غلام مصطفيٰ کوسو، گلزار گاڏھي، علي گوھر جانوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي هنن دانھيندي چيو ته اسان جي ديهه انبار ۾ زرعي زمين آھي، جنهن تي بااثر روشن کوسو، اي ڊي پي پي ذوالفقار کوسو، وڪيل زاهد کوسو ۽ ٻين زبردستي قبضو ڪيو آھي، عدالت پاران ڏنل فيصلو ۽ راڄوڻي فيصلا به اسان جي حق ۾ آيل آھن. هنن چيو ته روشن کوسو قبضا خور ۽ وياجي آھي هو زبردستي اسان جي زمين ڦٻائڻ چاهي ٿي، پوليس به هنن خلاف ڪاروائي نه پئي ڪري، هو اسان کي قتل ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون پيو ڏئي. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي دادو ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جي شفاف نموني جاچ ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو