282

حڪومت ڪپهه تي ريگوليٽري ڊيوٽي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اقتصادي رابطا ڪميٽي اي سي سي ڪپهه تي ريگوليٽري ڊيوٽي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ميڊيا رپورٽ مطابق وزيراعظم جي واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اي سي سي ڪپهه تي ريگوليٽري ڊيوٽي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ريگوليٽري ڊيوٽي ختم ٿيڻ سان ڪپڙن جي تياري واري  شعبي ۾ ٻاهر شيون موڪلڻ ۾ آساني پيدا ٿيندي، صلاحڪار عبدالرزاق جو وڌيڪ چوڻ هو ته ويليو ايڊڊ ايڪسپورٽ حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسان پاليسي جي مطابق آهي، اي سي سي جو فيصلو منظوري لاءِ ڪابينا ۾ ويندو اقتصادي رابطا ڪميٽي جي فيصلي جي واڌ ڪابينا ڪندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو