228

ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي: ڪرڪيٽر رضا حسن معافي گهري ورتي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽر رضا حسن ڪووڊ – 19 ايس او پيز جي خلاف ورزي تي معافي گهري ورتي آهي. پنهنجي وڊيو بيان ۾ هن چيو ته آئون پنهنجي غلطي جو اعتراف ڪريان ٿو ۽ سڀني کان معافي گهران ٿو، واعدو ٿو ڪريان ته ٻيهر شڪايت جو موقعو نه ڏيندس. رضا حسن   چيو ته ڊائريڪٽر ڊوميسٽڪ نديم خان کي اپيل ڪريان ٿو ته هو ٻيهر قائد اعظم ٽرافي کيڏڻ جو موقعو ڏئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو