235

گڏيل قومن جو سمنڊن ۾ ڦاٿل سامونڊي جهازن جي عملي کي مدد ڏيڻ تي زور

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن چيو آهي ته ڪووڊ-19 جي وبا سان پيدا ٿيل صورتحال سبب دنيا جي مختلف سمنڊن ۾ ڦاٿل سامونڊي جهازن جو عملو عرصي کان پنهنجن گهرن کي ناهي وڃي سگهيو. سمورا ملڪ 4 لک ماڻهن تي ٻڌل ان عملي کي اهم ڪارڪنن جو درجو ڏيندي گهرن کي واپسي لاءِ مدد فراهم ڪن.هن چيو ته 193 ملڪن جي پيش ڪيل ان ٺهراءُ ۾ حڪومتن کي چيو ويو آهي ته هو متبادل عملي جي مقرري جو بندوبست ڪن ۽ ڪووڊ-19 جي حفاظتي پروٽوڪول کي نظر ۾ رکندي انهن ڦاٿل سامونڊي جهازن کي وطن واپس اچڻ جي اجازت ڏين ته جيئن اهو عملو گهرن ڏانهن واپس اچي سگهي. واضح رهي ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انٽونيوگوٽريش سفري پابندين سبب ڦاٿل سامونڊي مسافرن جي صورتحال بابت جون ۾ سمورن ملڪن لاءِ هڪ تنبيهه جاري ڪئي هئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو