340

اتر پرديش ۾ ريتي سان ڀريل ٽرڪ ڪار مٿان اونڌي ٿي پئي، هڪ ئي ڪٽنب جا 8 ڀاتي فوت

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اترئين رياست اتر پرديش ۾ ٽرڪ ڪار مٿان اونڌي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا فوت ٿي ويا. سڌ سماءُ وارن ذريعن مطابق اربع جي صبح جو اهو حادثو رياست اتر پرديش جي ڪوشمبي واري علائقي ۾ پيش آيو. اترئين رياست اتر پرديش ۾ ريتي سان ڀريل ٽرڪ موڙ ڪاٽيندي هڪ ڪار تي اونڌي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جا 8 ڄڻا فوت ٿي ويا. ڪار ۾ سوار ماڻهو شادي ۾ شرڪت کانپوءِ گهر واپس وڃي رهيا هئا. ريسڪيو ٽيم حادثي واري هنڌ پهچي امدادي شروع ڪئي ۽ لاشن کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو