لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي احتساب عدالت خواجه سعد رفيق ۽ خواجه سلمان رفيق خلاف پيراگون هائوسنگ سوسائٽي ريفرنس جي ٻڌڻي 15 ڊسمبر تائين ملتوي ڪندي ايل ڊي اي جي مجاز آفيسر کي هائوسنگ سوسائٽي جي رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو آهي. جج جواد الحسن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. اربع تي عدالتي حڪم تي خواجه سعد رفيق ۽ خواجه سلمان رفيق پيش ٿيا ۽ پنهنجي حاضري لڳرائي. جڏهن ته واعده معاف گواه قيصر امين بٽ طبعيت خراب هجڻ سبب بيان رڪارڊ نه ڪرائي سگهيو. عدالت ۾ سندس طبي رپورٽ پيش ڪئي وئي. خواجه سلمان رفيق جي وڪيل اشتر اوصاف استغاثه جي گواه عبدالغفور تي جرح مڪمل ڪئي. عدالت ايندڙ شنوائي تي ايل ڊي اي جي آفيسر کي رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو آهي. عدالت جي روبرو ڪيس ۾ هيستائين 7 گواهن پنهنجا بيان رڪارڊ قلمبند ڪرايا آهن.
