269

ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ عابد لغاري جي ڪم تي تحقيق ٿيڻ گهرجي: سنڌ يونيورسٽي ۾ تقريب

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) سنڌي شعبي جي چيئرپرمين ڊاڪٽر اسحاق سميجو تازو ئي لاڏاڻو ڪري ويل ٻن عظيم اسڪالرن ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ڊاڪٽر عابد لغاري جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو پنهنجي شعبي ۾ منعقد ڪرايو، جنهن ۾ معروف ليکڪ پروفيسر ڊاڪٽر قاضي خادم حسين، نامور اديب محمد علي مانجهي، ڊاڪٽر نور افروز خواجه، ادريس جتوئي، ڊاڪٽر فياض لطيف، مرحوم عابد لغاري جي پٽ نصرالله لغاري، ڊاڪٽر نواب ڪاڪا، ڊاڪٽر نور محمد شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي قاضي خادم حسين چيو ته الانا صاحب هڪ گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو عاشق هو، جنهن ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۽ بهتريءَ لاءِ قابل قدر ڪم ڪيو. هن تجويز ڏني ته ڊاڪٽر غلام علي الانا جي ڪيل تحقيقي ڪم تي تحقيق ڪئي وڃي ته جيئن ٻوليءَ لاءِ ڪيل سندس ڪم کي سڄي دنيا ۾ اجاگر ڪري سگهجي ۽ نوجوان اسڪالرن کي لاڀ پڻ ملي سگهي. هن اها تجويز پڻ ڏني ته سنڌ يونيورسٽيءَ جو ڪو روڊ الانا صاحب جي نالي سان منسوب ڪيو وڃي ته جيئن کيس ڀرپور ڀيٽا پيش ڪري سگهجي. هن چيو ته ڊاڪٽر عابد لغاري جون خدمتون به بي مثال آهن، جنهن تي پڻ تحقيق ڪرڻ جي ضروت آهي. سنڌي شعبي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر اسحاق سميجو ڊاڪٽر الانا ۽ ڊاڪٽر لغاري کي سندن ڪيل خدمتن تي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته سنڌ ڪيترائي عظيم انسان پيدا ڪيا، جن ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ڊاڪٽر عابد لغاري جهڙيون هستيون به شامل آهن. هنن چيو ته ٻنهي جون سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ وڏيون خدمتون آهن، کين سندن خدمتن تي هميشه ياد رکيو ويندو. تعزيتي ريفرنس کي ڊاڪٽر نور افروز خواجه، ادريس جتوئي، مرحوم عابد لغاري جي صاحبزادي نصرالله لغاري، محمد علي مانجهي، ڊاڪٽر نواب ڪاڪا ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته نبي بخش خان بلوچ، شيخ اياز ۽ محمد ابراهيم جويو کانپوءِ سنڌ ۾ لسانيات خاص طور سنڌي ٻولي جي خدمت جي حوالي سان الانا صاحب جو ڳائيٽو ٿئي ٿو. سندس وڇوڙو ڏکوئيندڙ آهي. هنن چيو ته ڊاڪٽر عابد لغاري به پنهنجو مٽ پاڻ هو، جيڪو وهاب فقير سميت مختلف شخصيتن ۽ ٽالپر دور تي تحقيقي ڪم ڪري امر ٿي ويو. هنن چيو ته ٻنهي محقق ليکڪن جي ڪم کي وڌيڪ تحقيق ذريعي نمايان ڪرڻ جي ضرورت آهي. تقريب ۾ تازو ئي وڇڙي ويل ٻنهي عظيم محققن کي زبردست ڀيٽا پيش ڪندي سندن ايثال ثواب لاءِ اجتماعي دعا پڻ گهري وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو