320

حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ اسلام آباد وڃي سگهون ٿا : لاهور ۾ پي ڊي ايم اڳواڻن جو اجلاس

لاهور ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ طرفان 13 ڊسمبر تي مينار پاڪستان لاهور تي رٿيل جلسي جي ڪاميابي لاءِ احسن اقبال جي صدارت هيٺ هڪ اهم اجلاس ٿي گذريو، اجلاس دوران جلسي جي تيارين تي صلاح مشورا پڻ ڪيا ويا ان موقعي نواز ليگ جي اڳواڻ راڻا ثناءَ الله چيو ته اسان جي اميد آهي ته حڪومت هاڻي هوش کان ڪم وٺي اسان سان جلسن ۾ رنڊڪ نه وجهندي، هن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن جسلي ۾ ڪوبه واقعو يا حادثو پيش آيو ته ان جا ذميوار حڪمران هوندا، پي ڊي ايم جو هي جلسو حڪمرانن لاءِ ريفرنڊم ثابت ٿيندو. پ پ پ اڳواڻ چوڌري منظور چيو ته شبلي فراز تي اعتبار نه آهي، حڪومتي صلاحڪار ۽ وزير ڪوڙ ڳالهائيندا رهندا آهن.جي يو آءِ اڳواڻ مولانا غبدالغفور حيدري چيو ته حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ اسان هاڻي اسلام آباد به وڃي سگهون ٿا، هن وڌيڪ چيو ته اسان ڪٺ پُتلي حڪومت جو ڄمي مقابلو ڪنداسين

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو