228

ٻن ايٽمي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ عالمي امن لاءِ خطري جو سبب بڻجندي: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران تڪراري علائقن ۾ جنگبندي جي اپيل تي توجهه ناهي ڏنو ويو، ٻن ايٽمي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ عالمي امن لاءِ خطري جو سبب بڻجندي. اسلام آباد ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته عالمي وبا ڪورونا سبب سڄي دنيا ۾ 60 ملين کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن، پاڪستان کي به ڪورونا سبب تمام گهڻن چئلينجز کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آحي، جڏهن ته پاڪستان ۾ بهتر حڪمت عملي سان ڪورونا کي پکيڙڻ ۾ روڪڻ ۾ تمام گهڻي ڪاميابي ملي آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته عالمي وبا وارو چئلينج ٻئين مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، احتياط سان ئي هن وبا کي منهن ڏئي سگهجي ٿو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ ته ڪورونا کانپوءِ اسان والاريل ڪشمير جي صورتحال کي وڌيڪ خراب ٿيندي ڏٺو آهي، اڄ 80 لک ڪشميرين کي ڀارتي قابض فوج محدود ڪري ڇڏيو آهي، اتي ٿيندڙ سرعام ڀڃڪڙين جو گڏيل قومون نوٽيس وٺن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو