263

وزيراعـظم عمران خان سول سرونٽس ڪارڪردگي ۽ نظم ۽ ضبط قاعدا 2020ع جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعـظم عمران خان سول سرونٽس ڪارڪردگي ۽ نظم ۽ ضبط قاعدا 2020ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب ان قانون جو مقصد سول سرونٽس جي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ ۽ محڪماڻي احتساب کي شفاف ۽ موثر بڻائڻ آهي، انهن قاعدن جا نمايان مقصد هيٺ ڏنل آهن. محڪماڻي احتساب جي عمل کي تيز بڻائڻ جي لاءِ مجاز آفيسر (اٿورائيزڊ آفيسر) جو درجو ختم ڪيو ويو آهي تنهن ڪري هاڻي صرف اٿارٽي ۽ انڪوائري آفيسر/ ڪميٽي هوندي، ان عمل کي ٻن درجن ۾ ورهائڻ سان مجاز اٿارٽي جي منظوري کانسواءِ هيٺئين سطح تي به مجاز آفيسر پاران معمولي سزائون ڏيڻ جو به مسئلو حل ٿي ويندو، نئين قاعدن ۾ هر مرحلي لاءِ ٽائيم لائينز مقرر ڪيون ويون آهن، چارجز (الزام) جو جواب (10 کان 14 ڏينهن، انڪوائري ڪميٽي/ آفيسر پاران ڪارروائي مڪمل ڪرڻ جو وقت 60 ڏينهن مقرر ڪيو ويو آهي، اٿارٽي پاران ڪيس جو فيصلو 30 ڏينهن ۾ ڪيو ويندو. انصاف جي گهرجن کي يقيني بڻائڻ ۽ الزام هيٺ آيل کي شخصي ضمانت جو موقعو اٿارٽي/ ٻڌڻي ڪرڻ واري آفيسر پاران فراهم ڪيو ويندو، پلي بارگين ۽ والنٽيري ريٽرن کي به بدعنواني (مس ڪنڊڪٽ) جي زمري ۾ شامل ڪيو ويو ۽ اهڙن آفيسرن جي خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. رڪارڊ جي فراهمي، محڪماڻي نمائندن پاران دير، معطلي، ڊيپوٽيشن/ رخصت/ اسڪالرشپ تي ڪيل آفيسرن جي حوالي سان سان معاملن کي واضح طور تي واضح ڪيو ويو آهي. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي انهن قاعدن جي حوالي سان ذيلي قاعدن/ وضاحت واضح ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي. ڪنهن اهڙي ڪيس ۾ جتي لاڳاپيل آفيسرن تي الزام هجن اتي صرف هڪ انڪوائري آفيسر مقرر ڪيو ويندو، انهن قدمن جو مقصد شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۽ هڪ ئي ڪيس ۾ مختلف انڪوائري آفيسرن پاران مختلف فيصلن جي شڪايتن کي ختم ڪرڻ آهي. پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس ۽ پوليس جا آفيسر جيڪي صوبن ۾ مقرر هوندا انهن جي حوالي سان چيف سيڪريٽرين کي ٻن مهينن ۾ فيڪٽ فائنڊنگ رپورٽ پيش ڪرڻي پوندي، ٻي صورت ۾ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاڻ ڪارروائي ڪندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو