244

اسحاق ڊار پنهنجي انٽرويو دوران ڳالهيون وڌائي چڙهائي ڪيون : شهزاد اڪبر

 اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي گهرو معامرن  ۽ احتساب بابت صلاحڪار بئريسٽر شهزاد اڪبر  اسحاق ڊار جي  غير ملڪي ٽي وي چينل بي بي سي کي ڏنل انٽرويو کي ملڪ دشمني جي برابر قرار ڏيندي چيو آهي ته ٻاهر ويهي ملڪ جي ادارن خلاف ڳالهائين ٿا، شهزاد اڪبر شهباز گل سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي  وڌيڪ چيو آهي ته بي بي سي روپوش شخص پنهنجي انٽرويو دوران ڳالهيون وڌائي چڙهائي ڪيون، پنهنجي ملڪيت بابت ڪوڙ  ڳالهايو ته منهنجي هڪ ملڪيت آهي جنهن تي به حڪومت قبضو ڪيو آهي، حقيقت آهي ته ان جون ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ وڏيون ملڪيتون آهن، اسلام آباد ۾ ان جي 6 ايڪٽر زمين ۽ ڊي ايڇ اي ۾ هگر آهي، الفلاح هائوسنگ سوسائٽي ۾ 3 پلاٽ آهن، 8 گاڏيون آهن، ان کان علاوه ڪجهه ڪمپنيون به آهن ۽ ڪجهه ڪمپنين ۾ حصيدار به بڻيل آهي. شهناز گل چيو ته هي ماڻهو ٻاهر قومي ادارن خلاف ڳالهائيندا آهن، ملڪ جو پيسو لٽي چوندا آهن ته اسان جو موقف نه ٻڌو ويندو آهي، سمورن ڏٺو ته اسحاق ڊار سوال ڪڻڪ ۽ جواب چڻا ڏئي رهيو هو،  شهباز گل جو چوڻ هو ته غير ملڪي چينل نواز جي انٽرويو جي لاءِ ڪافي وقت کان ڪوشش ڪري رهيو هو مريم ۽ صفدر جي مشوري تي اسحاق ڊار کي انٽرويو لاءِ موڪليو ويو هو

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو