216

اسحاق ڊار پوري دنيا آڏو ڪوڙ ڳالهايو، حرام جو پئسو لعنت آهي، پي ڊي ايم وار ا چوري بچائڻ لاءِ جلسا پيا ڪن:وزيراعظم

گلگت ( م ڊ )  وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پي ڊي ايم جا اڳواڻ پنهنجي چوري بچائڻ جي لاءِ جلسا ڪري رهيا آهن، اهي چوري جو پئسو بچائڻ جي لاءِ ڪڏهن جيلن ۾ وڃن ٿا ۽ ڪڏهن پرڏيهه ڀڄي وڃن ٿا، انهن جي اولادن کي به ڪوڙ مٿان ڪوڙ ڳالهائڻو پئجي رهيو آهي، عوامي نمائندا پئسو ڪمائڻ بدران عوام جي خدمت کي پنهنجو مقصد ڪن، اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن گلگت بلتستان جي نئين چونڊيل ڪابينا جي حلف برادري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان گلگت بلتستان جي ڪابينا ۽ وڏي وزير کي چونڊجڻ تي مبارڪ ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته گلگت بلتستان ۾ اهڙي حڪومت هوندي جيڪا هڪ معيار قائم ڪندي ۽ هڪ نئين روايت وجهندي ۽ گورننس جو اهڙو بهترين نظام قائم ڪندي جنهن سان گلگت بلتستان جي عوام جون زندگيون بدلجي وينديون.  وزيراعظم چيو ته اڳوڻن حڪمرانن نيب جي سربراهه کي به پنهنجي پسند تي رکيو ۽ وري پاڻ  ۾ ڳٺ جوڙ ڪري ورتو پر انهن جي چوري پاناما ليڪس جي صورت ۾ سامهون آئي، پئسا لڪائڻ جي لاءِ ڪوڙ مٿان ڪوڙ ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏين ٿا، حرام جو پئسو لعنت آهي. حرام جو پئسو ڪمائيندڙن ۽ انهن جي اولادن لاءِ به تباهي کڻي ايندو آهي، چوري جو پئسو بچائڻ لاءِ اهي ڪڏهن جيلن ۾ وڃن ٿا ته ڪڏهن سعودي عرب ۽ ڪڏهن لنڊن ڀڄي وڃن ٿا، انهن جي ٻارن کي به پنهنجون ملڪيتون ۽ حرام جي پئسي جي ڪري ڪوڙ مٿان ڪوڙ ڳالهائڻو پئجي رهيو آهي، پي ڊي ايم وارا پنهنجي چوري بچائڻ لاءِ جلسا ڪري رهيا آهن ۽ انهن کي ڪا به پرواهه نه آهي ته انهن جي جلسن جي ڪري ڪورونا وائرس وبا پکڙجي رهيو آهي ۽ موتن ۾ واڌ ٿي رهي آهي. هن چيو ته گذريل ڏينهن اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي هڪ هارڊ ٽاڪ انٽرويو ۾ ذهني دٻاءُ سبب شڪل ڏسڻ جهڙي هئي ۽ هو سڄي دنيا جي سامهون ڪوڙ ڳالهائي رهيو هو. وزيراعظم چيو ته عوام جي خدمت ڪندا ته الله به خوش ٿيندو ۽ عوام به دعائون ڏيندي، عوام جي خدمت ڪرڻ سان جيڪا خوشي ملي ٿي اها پئسن سان نه ٿي ملي سگهي. هن خاطري ڪرائي ته وفاق گلگت بلتستان سان گڏ بيٺل آهي ۽ ان جي پوري مدد ڪندو.  هن چيو ته مون گلگت بلتستان جو علائقو ڏٺو آهي ۽ ان کان واقف آهيان، ان وقت کان هتي اچي رهيو آهيان جڏهن قراقرم هاءِ وي به نه هو. هن علائقي جي مسئلن ۽ ان ۾ موجود پوٽينشل کان آگاهه آهيان. اسان جي حڪومت گلگت بلتستان کي اهڙي رخ ۾ گامزن ڪندي جنهن سان عوام جون زندگيون بدلجي وينديون. هن چيو ته گلگت جي عوام جو احساس محرومي ختم ڪرڻ جي لاءِ صوبائي اسٽيٽس ڏينداسين ڇو ته هتان جي نوجوانن ۽ عوام ۾ احساس ٿيو ته اهي برابر جا شهري نه آهن ان لاءِ نئون سيٽ اپ ٺاهبو، ان جي لاءِ هڪ ڪميٽي ٺاهي ويندي جيڪا صوبي جي حيثيت جي حوالي سان ڪم ڪندي. هن چيو ته ڪامياب سسٽم اهو هوندو آهي جنهن ۾ عوام پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ جو اختيار رکندي هجي ۽ پنهنجي لاءِ پاڻ منصوبا ٺاهي. وزيراعظم چيو ته اسان مديني جي رياست جي ڳالهه ڪريون ٿا جنهن ۾ ڪمزور طبقي کي مٿي اٿارڻ رياست جي اولين ترجيح هوندي آهي، ان مقصد جي لاءِ اسان پاڪستان جي تاريخ ۾ غربت جي خاتمي جو سڀ کان وڏو احساس پروگرام شروع ڪيو آهي. گلگت بلتستان جي عوام لاءِ انصاف صحت ڪارڊ متعارف ڪرائي رهيا آهيون. صحت ڪارڊ سان 10 لک رپين تائين مفت علاج ڪرائڻ جي سهولت ميسر هوندي. ڇو ته بيماري جي صورت ۾ غريب خاندان مقروض ٿي ويندا آهن ۽ علاج جي سگهه نه رکنداآهن. صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ کان پوءِ گلگت بلتستان جا شهري به ڪنهن به اسپتال مان مفت علاج ڪرائي سگهندا. وزيراعظم چيو ته گلگت بلتستان ۾ سياحت جا بهترين موقعا موجود آهن، ڪورونا سبب گذريل گرمين ۾ سياحت جو شعبو متاثر ٿيو آهي، سياحت کي هٿي ڏيارڻ لاءِ سولا قرض ڏنا ويندا ۽ ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ ئي گيسٽ روم ٺاهي سگهندا، ان سان سياحت کي به هٿي ملندي، ڪمائي جو ذريعو به ملي ويندو. وزيراعظم چيو ته اسڪردو ۾ 250 بسترن تي ٻڌل اسپتال ٺاهي پئي وڃي، ان کي وڌيڪ اپ گريڊ ڪيو ويندو. گلگت بلتستان ۾ هائيڊرو اليڪٽرڪ سان گڏ خصوصي اقتصادي زونز ٺاهيا ويندا. پاڻي مان بجلي پيدا ڪرڻ جون 6 وڏيون اسٽيشنون هڻنداسين، ان کان سواءِ خيبرپختونخوا وانگر مائيڪرو هائيڊل اسٽيشن به ٺاهيون وينديون، سولر توانائي جون سهولتون به مهيا ڪنداسين ته جيئن سمورن علائقن تائين بجلي پهچي سگهي. وزيراعظم چيو ته تحريڪ انصاف جي سوچ اها آهي ته هيٺئين طبقي کي مٿي آڻيون، مديني جي رياست جي اصولن تي عمل ڪندي غريب طبقي جي زندگين ۾ به بهتري آڻڻ اسان جو مشن آهي. وزيراعظم گلگت بلتستان ڪابينا جي ميمبرن کي هدايت ڪئي ته اهي صادق ۽ امين ٿين ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ پنهنجي صلاحيتن ۽ ڪوششن کي استعمال ۾ آڻين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو