ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) لاڙڪاڻي کان سواءِ سڄي سنڌ ۾ پي آءِ اي جون آفيسون بند ڪري 450 آفيسرن کي اسلام آباد بدلي ڪيو ويو آهي. پاڪستان انٽرنيشل ايئر لائنز (پي آءِ اي) جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آفيسرن جي سڀ کان وڏي انگ کي اوچتو ڪراچي کان اسلام آباد ٽرانسفر ڪيو ويو. ذريعن موجب مارڪيٽنگ واري شعبي جي 450 آفيسرن کي 28 ڊسمبر تائين اسلام آباد منتقل ٿيڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن. ذريعن ٻڌايو ته لاڙڪاڻي کان سواءِ سڄي سنڌ ۾ پي آءِ اي جون آفيسون بند ڪيون ويون آهن جڏهن ته سنڌ جي مختلف شهرن مان پهرين آفيسرن کي ڪراچي بدلي ڪيو ويو ۽ هاڻ ڪراچي مان آفيسرن کي اسلام آباد ٽرانسفر ٿيڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن. ذريعن موجب پي آءِ اي جي هيڊ آفيس ڪراچي ۾ ئي آهي پر مارڪيٽنگ جي شعبي جو وڏو حصو اسلام آباد منتقل ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب اوچتو ٽرانسفر جا حڪم ملڻ تي آفيسر سخت بيچيني ۽ مايوسي جو شڪار آهن. ٻي پاسي پي آءِ اي جي ترجمان چيو آهي ته پي آءِ اي جي فلائٽ آپريشن جو وڏو حصو اتر ڏانهن منتقل ٿيو آهي ان ڪري آفيسرن کي اسلام آباد ڏانهن بدلي ڪيو ويو آهي.
227