302

ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 39 ڄڻا فوت، 3499 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 39 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته  3499 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 42 هزار 904 ڪورونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن دوران 3499 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي رپورٽ پازيٽو آئي، جڏهن ته موذي مرض وگهي وڌيڪ 39 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو