اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪورونا ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪندڙ جلسن تي پابندي واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ڪورونا ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪندڙ سياسي جلسن تي پابندي واري درخواست رد ڪندي ان درخواست کي ٻڌڻ جوڳي نه هجڻ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. درخواستگذار جو موقف هو ته ملڪ ۾ وڏا ميڙ ڪورونا پکيڙڻ جو سبب بڻجي سگهن ٿا، ان لاءِ اين سي او سي کي حڪم ڏنو وڃي ته آئوٽ ڊور جلسن بابت گائيڊ لائين تي پابندي ڪرائي، سياسي ۽ مذهبي ميڙن کي روڪڻ جو حڪم ڏنو وڃي ۽ پيمرا کي حڪم ڏنو وڃي ته ڪورونا گائيڊ لائين جي خلاف روزي ڪندڙن جي خبر چئنلز تي هلائڻ کان روڪي. چيف جسٽس اطهر من الله پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته هي ملڪ قانون جي عملداري تحت هلي رهيو آهي؟ اسان جي عام پلبڪ به ايس او پيز تي عمل ناهي ڪري رهي، ان سان سڀ کان وڌيڪ غريب متاثر ٿيندو. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته اسان حڪم ڏئي ڇڏيو آهي پر ايگزيڪيوٽو ان تي عمل نه ڪرائي رهيا آهن ته اهو ايگزيڪيوٽو تي آهي، پارليامينٽ آهي، ايگزيڪيوٽو آهي، سوسائٽي پنهنجي ذميواري پوري نه ڪري رهي آهي ته عدالت ڇو مداخلت ڪري؟
303