226

ڪورونا جي ٻي لهر: پوري ملڪ ۾ 5 ڏينهن دوران 10 ڊاڪٽر فوت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جتي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا ڪيس وڌي رهيا آهن اتي ڪورونا وبا جي ٻي لهر طبي رضاڪارن کي به تيزي سان متاثر ڪري رهي آهي، ڪورونا وائرس جي ٻي لهر ۾ پوري ملڪ ۾ 5 ڏينهن دوران 10 ڊاڪٽر فوت، ڊاڪٽرن سوڌو پيرا ميڊيڪل اسٽاف به مرض ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، جنهن جي ڪري طب سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل عملي جا 3 هزار کان وڌيڪ ماڻهن پاڻ کي قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن طرفان جاري ڪيل فهرست مطابق ڪورونا جي ڪري فوت ٿيل 10 ڊاڪٽرن مان 6 ڊاڪٽر هڪ ڏينهن اندر ڪراچي ۾ فوت ٿيا آهن، ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ هڪ ڊاڪٽر محمد فاروق 2 ڊسمبر تي فوت ٿي ويو آهي جيڪو خيبر پختونخوا جي شهر بنون سان تعلق رکي ٿو ۽ هو هڪ اسسپتال جو ايڊيشنل ڊائريڪٽر پڻ هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو