ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيو ڪراچي جي دعا چوڪ ويجهو گهر ۾ سلينڊر جي ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ٻارڙو فوت ۽ 5 زخمي ٿي پيا آهن. رپورٽن مطابق صبح جي وقت گهر ۾ رڌپچاءُ دوران سلينڊر اوچتو ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٻارڙو 8 ورهين جو مظهر ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڌماڪي سبب عمارت جو گهڻو حصو ڊهي پٽ پئجي ويو، امدادي ٽيمن پهچي ملبي مان فوتي ٻارڙي جو لاش ۽ زخمين کي ڪڍي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو.
