اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت سست، نااهل ۽ ڪرپٽ آفيسرن خلاف وڏو ايڪشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽن مطابق وفاقي حڪومت ۾ ڪيترن ئي سينيئر بيوروڪريٽن خلاف ڪارڪردگي ۽ مس ڪنڊڪٽ جي حوالي سان جاچ جاري آهي، ان حوالي سان هاڻوڪي حڪومتي دور ۾ بيورو ڪريٽن خلاف پهريون قدم کنيو ويو آهي، جنهن ۾ سيڪريٽريٽ گروپ جي 19 گريڊ جي سينيئر آفيسر محمد احمد خان کي مس ڪنڊڪٽ ۽ نااهلي تي سول سرونٽ ايڪٽ 1973ع تحت سرڪاري نوڪري مان فارغ ڪيو ويو آهي. ذريعن مطابق سندس خلاف هڪ سال کان کاتيوار ڪارروائي جاري هئي، سرڪاري عملدارن جو چوڻ آهي ته محمد احمد خان کي سول سرونٽ رولز 1977ع تحت ايپلٽ اٿارٽي کي 30 ڏينهن اندر اپيل ڪرڻ جو حق آهي.
