لنڊن ( ويب ڊيسڪ) دنيا ۾ گهٽ عمر ۾ نوبل انعام حاصل ڪندڙ پاڪستاني نينگري ملاله يوسف زئي به وڊيو شيئرنگ ايپ ٽڪ ٽاڪ کي جوائن ڪري ورتو آهي، هن پنهنجي پهرئين ونڊ ڪيل وڊيو ۾پنهنجي پسند جي شين جي باري ۾ ڄاڻ ڏني آهي ۽ ان وڊيو کي انسٽاگرام تي به شيئر ڪئي، ونڊ ڪيل وڊيو ۾ ملاله يوسف زئي پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيو آهي ته ٽڪ ٽاڪ منهنجو نالو ملاله يوسف زئي آهي، مان 23 ورهين جي آهيان ۽ ڇوڪرن کي تعليم ڏيڻ جي حوالي سان ڪم ڪندي آهيان، شايد ڪجهه ماڻهو مون کي پهريان به سڃاڻيندا هوندا، شايد ڪجهه ماڻهو اقوام متحده ۾ ڪيل منهنجي تقريرن کي ٻڌو هوندو، شايد ڪجهه ماڻهن منهنجو ڪتاب ”آءِ ايم ملاله“ پڙهي هوندي. هن پنهنجي پاڻ بابت ڄاڻ ڏيندي چيو ته ٿي سگهي ته اوهان مان ڪجهه ماڻهو مون کي نه سڃاڻيندا هجن، ان ڪري مان هتي پنهنجو تعارف ڪرائينديس، مان تازو ئي آڪسفورڊ يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪئي آهي، مون کي تقريبون ۽ مزاح پسند آهي، ان کان علاوه ڪتاب پڙهڻ به سٺو لڳندو آهي، گذريل 12ورهين کان دنيا جي ڇوڪريون کي تعليم ۽ محفوظ معياري تعليم جي لاءِ سرگرم آهيان. ملاله آمريڪا ۾ فنڊ گڏ ڪرڻ واري مهم ” گيونگ ٽوزڊي“ ۾ چندو ڏيڻ ڏيڻ تي پڻ روز ڏنو، هن جي 56 سيڪنڊ واري وڊيو ۾ کيس هزارين لائيڪ مليا. ياد رهي ته ملاله يوسفزئي هلندڙ سال آڪسفورڊ يونيورسٽي مان فلاسافي، سياست ۽ اڪنامڪس ۾ گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪئي آهي ۽ ٽڪ ٽاڪ ايپ کي چيريٽي فنڊ ۾ عطيو ڏيڻ جي اپيل لاءِ استعمال ڪري رهي آهي
321