372

ڄامشورو ۾ سوسائٽي انتظاميا ۽ وڪيلن ۾ ڇڪتاڻ، مبينا حملو، 2 ڄڻا زخمي، رپورٽ داخل

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽي ۾ سوسائٽي جي اڳوڻن عهديدارن ۽ وڪيلن وچ ۾ پاڻي واري معاملي تان جھيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 وڪيل زخمي ٿي پيا آهن. سنڌ يونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽي جو رهواسي وڪيل احمد علي شيخ پاڻي جي مسئلي تي وڪيل دوستن سان گڏ سوسائٽي آفيس ۾ پهتو، سوسائٽي آفيس ۾ موجود ماڻهن حاجي سومرو، من عباسي، شهباز بروهي ۽ ٻيا وڪيلن سان وڙهي پيا، جنهن دوران لتون ۽ مڪون لڳڻ سبب احمد علي شيخ سميت 2 وڪيل زخمي ٿي پيا، سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي انتظاميا جهيڙي کانپوءِ سوسائٽي آفيس بند ڪري کسڪي وئي. زخمي ٿيل وڪيل احمد علي شيخ مطابق سوسائٽي ۾ هٿرادو پاڻي بحران پيدا ڪيو ويو آهي، ان مسئلي جي سلسلي ۾ آفيس پهتاسين ته اتي موجود ماڻهن حاجي سومرو، من عباسي، شهباز بروهي ۽ ٻين اسان مٿان حملو ڪري ڏنو، رش ٿيڻ تي انتظاميا آفيس بند ڪري کسڪي وئي.  وڪيلن سوسائٽي انتظاميه خلاف قانون ڪارروائي ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته سوسائٽي آفيس تي مڙهيل نااهل انتظامي عملدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ هتان جي رهواسين کي هن ڪرپٽ انتظاميا کان جان ڇڏرائبي. ٻئي پاسي سنڌ يونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽي پوسٽ تي وڪيل احمد علي شيخ جي فرياد تي سوسائٽي عملي جي 10 ڄڻن خلاف اين سي رپورٽ داخل ڪرائي وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو