ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) ڄامشورو ۾ مگسي برادري پاران 2 مهينا اڳ جهرڪ ٿاڻي جي حد ڍڳي فارم ڀرسان جيلاني پوليس پوسٽ وٽ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ڪيل انور مگسي جي قاتل جي گرفتاري ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ڄامشورو ڦاٽڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ مگسي برادري جي اڳواڻن نظام مگسي، ذوالفقار مگسي، اصغر مگسي ۽ ٻين چيو ته 2 مهينا اڳ ڍڳي فارم ڀرسان مگسي برادري جا ماڻهو پنهنجي زمين تي ڪم ڪري رهيا هئا ته کوسا برادري جي هٿياربندن مٿن حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان انور مگسي مارجي ويو ۽ 5 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، اسان جهرڪ ٿاڻي تي حملي آورن خلاف ڪيس داخل ڪرايو هو، پر 2 مهينا گذرڻ باوجود ٺٽو پوليس جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪري سگهي، مورڳو پوليس بااثرن کان ڳري رشوت عيوض مگسي برادري جي ماڻهن تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته جهرڪ پوليس اسان جي نوجوان جي قتل جي ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران اسان مٿان اتان جي بااثر ماڻهن جي چوڻ تي ڪيس داخل ڪري اسان کي هراسان ڪري ڪيس تان هٿ کڻڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي پر اسان ڪنهن به صورت ۾ ڪيس تان هٿ نه کڻنداسين. هنن سنڌ حڪومت، آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو آهي ته انور مگسي جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي، نه ته ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.
291