338

نوابشاهه ۾ پوليس ڀرتي لاءِ آيل نوجوان ڊوڙ دوران ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت

نوابشاهه (بيورو رپورٽ) نوابشاهه ڀرسان زيرو پوائنٽ وٽ پوليس جي نوڪري لاءِ نئين ڀرتي ٽيسٽ لاءِ آيل  نوان جتوئي واسي نوجوان 28 جو ڪريم بخش ولد واحد بخش کوسو ڊوڙ دوران بيھوش ٿي ويو، جنھن کي پي ايم يو اسپتال آندو ويو، جتي ھو فوت ٿي ويو آهي. مليل ڄاڻ موجب نوابشاھ ۾ پوليس کاتي ۾ ڀرتي لاءِ شريڪ ٿيندڙ نوان جتوئي ويجهو ڳوٺ صاحب خان کوسو واسي نوجوان عبدالڪريم ولد واحد بخش کوسو ڊوڙ دوران فوت ٿي ويو،  جنهن جو لاش وارث گهر کڻائي پهتا، جتي پٽ جو لاش ڏسي امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي  ويا ۽ گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. فوتي نوجوان جي پيءُ واحد بخش کوسو سوڀ کي ٻڌايو ته بيروزگاري سبب نوجوان پوليس ۾ ڀرتي ٿيڻ لاءِ ڊوڙ ۾ شامل ٿيو هو، جتان نوڪري ملڻ بدران لاش مليو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو