318

خيبرپختونخوا جو وزيراعليٰ عوام کي سهولت نه ٿو ڏئي سگهي ته عهدو ڇڏي ڏئي : چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪي پي ڪي ۾ ويسٽ مئنيجمينٽ نه هجڻ تي سپريم ڪورٽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ گندي پاڻي نالا کوٽڻ جي لاءِ ايشيائي ترقياتي بينڪ کان پيسا وٺندا آهن جيڪڏهن ته ڪي پي ڪي جو وزيراعليٰ عوام کي سهولت نه ٿو ڏئي سگهي ته عهدو ڇڏي ڏئي. چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ خيبر پختونخوا جي صنعتن ۽ اسپتالن جي ويسٽ مئنيجمينٽ متعلق پاڻمرادري نوٽيس واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، چيف جسٽس پاڪستان چيو ته ڊرينيج جا نالا درياهن ۽ ندين ۾ پون ٿا انهن جو ڇا ڪيو وڃي، ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي ڪي شمائل بٽ جو چوڻ هو ته پشاور ۾ ڊرينيج جا 2 سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽس جڙي رهيا آهن، واهن سان گڏ الڳ سيوريج لائينون ٺاهيون وينديون. عدالت پنهنجي حڪم ۾ خيبر پختونخوا حڪومت کي ويسٽ مئنيجمينٽ متعلق رپورٽ رد ڪندي هڪ مهيني اندر ويسٽ مئنيجمينٽ متعلق ٻيهر رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن رپورٽ مطمئن ڪندڙ نه ٿي ته وزيراعليٰ ڪي پي ڪي کي طلب ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو